اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي، پونئيرن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي زخمين کي هر ممڪن طبي …
وزيراعظم شهباز شريف پاران بنون ڌماڪي جي شديد مذمت، قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي، پونئيرن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ واقعي جي فوري جاچ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردي انسانيت، پاڪستان جي امن ۽ استحڪام خلاف مڪروه ساز ش آهي، اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروائيون قوم جي عزم کي ڪڏهن به ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏني ويندي، رياست دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون پوري قوم جي امانت آهن، انهن جو رت هرگز رائيگان نه ويندو، دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.











