آءِ بي سي سي پاران سمنڊ پار درخواست ڏيندڙن لاءِ اي-پي سهولت متعارف

اسلام آباد - 20 جون (اي پي پي) انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) عالمي ايڪويلينس جي درخواست ڏيندڙن لاءِ آءِ بي سي سي اي-پي جي نالي سان آن لائين ماسٽر ڪارڊ ۽ ويزا جي ادائگي جي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به حصي مان محفوظ، تيز رفتار ۽ آسان انداز ۾ فيس جمع ڪرائي سگهبي. هي سهولت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ، …

اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) عالمي ايڪويلينس جي درخواست ڏيندڙن لاءِ آءِ بي سي سي اي-پي جي نالي سان آن لائين ماسٽر ڪارڊ ۽ ويزا جي ادائگي جي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به حصي مان محفوظ، تيز رفتار ۽ آسان انداز ۾ فيس جمع ڪرائي سگهبي. هي سهولت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ، عالمي شاگردن ۽ پرڏيهي درخواست ڏيندڙن جي سهولت لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي. جيڪي آءِ بي سي سي سان ايڪويولينس خدمتون حاصل ڪن ٿيون. آءِ بي سي سي، اي-پي ذريعي درخواست ڏيندڙ هاڻي بئنڪ ۾ جسماني طور حاضر ٿيڻ کان سواءِ آن لائين ادائگي ڪري سگهندا جنهن سان خدمتن تائين رسائي ۽ سهولت ۾ نمايان بهتري ايندي. آءِ بي سي سي، اي-پي جاري ڪندڙ اداري جي وسيع تر ڊجيٽل ٽرانسفارميشن پروگرام جو حصو آهي،جنهن جو مقصد عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ صارفين جي سهولت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آءِ بي سي سي چيو ته هي سهولت تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي خاص هدايتن ۽ مسلسل معاونت تحت پرڏيهه ۾ رهندڙ شاگردن ۽ درخواست ڏيندڙن جي سهولت لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي. ڊاڪٽر ملاح وفاقي وزير تعليم ۽پيشيواراڻي تربيت ۽ وفاقي سيڪريٽري تعليم جي رهنمائي، حوصلا افزائي ۽ ڀرپور تعاون جي تعريف ڪندي چيو ته انهن جي مدد سان اهي قدم ممڪن ٿي سگهيا. هن ٻڌايو ته هي نظام مڪمل طور تي آءِ بي سي سي جي اندروني ٽيڪنيڪي ٽيم تيار ڪيو آهي، جيڪو اداري جي وڌندڙ ٽيڪنيڪي صلاحيتن ۽جدت پسندي جو اظهار آهي. هن آءِ بي سي سي جي آءِ ٽي ٽيم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اداري ۾ عوامي سهولت، شفافيت ۽ طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ ڪيترنئي ٻين ڊجيٽل منصوبن تي ڪم جاري آهي. آءِ بي سي سي جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال ذريعي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ شاگردن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي معياري، موثر ۽ آسان خدمتن جي فراهمي جي پنهنجي عزم تي قائم آهي.