اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پريس رليز مُوجب صدر هن مُشڪل گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا واقعا قوم لاءِ تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هُوندا آهن. هن دهشتگردي جي اندروني ۽ ٻاهرين طور مددگارن …
صدر پاران بنون ڌماڪي جي سخت مذمت، قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پريس رليز مُوجب صدر هن مُشڪل گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا واقعا قوم لاءِ تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هُوندا آهن. هن دهشتگردي جي اندروني ۽ ٻاهرين طور مددگارن جيڪي دهشتگرد نيٽ ورڪن کي محفوظ پناهه گاهون، لاجسٽڪ سپورٽ ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيا آهن کي واضح طور تي خبردار ڪندي چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن جي حمايت جاري رکندو ۽ دهشتگردي کي هر صورت ۾ شڪست ملندي.











