صدر آصف علي زرداري پاران ڀارت ۾ تاريخي مسلمان مذهبي جاين کي ڊاهڻ ۽ انهن کي لاڳو خطرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارت ۾ تاريخي مسلمان مذهبي جاين کي ڊاهڻ ۽ انهن کي لاڳو خطرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جنهن ۾ وارانسي جي هڪ هزار  سال پراڻي گنج شهيد مسجد به شامل آهي. ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾، صدر زرداري ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هُو اهڙا قدم فوري طور تي بند ڪري …

اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارت ۾ تاريخي مسلمان مذهبي جاين کي ڊاهڻ ۽ انهن کي لاڳو خطرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جنهن ۾ وارانسي جي هڪ هزار  سال پراڻي گنج شهيد مسجد به شامل آهي. ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾، صدر زرداري ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هُو اهڙا قدم فوري طور تي بند ڪري ۽ خبردار ڪيو ته اهڙي قسم جُون ڪارروايون ڀارت ۾ انتشار، عدم استحڪام ۽ ممڪن طور تي رياست ۾ ٽوڙ ڦوڙ جهڙن سنگين نتيجن جو سبب بڻجي سگهن ٿيُون. صدر زرداري انهن قدمن کي فوري روڪڻ، اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي حفاظت ڪرڻ تي زور ڏنو.