APP49-25 ISLAMABAD: September 25 – Prime Minister Imran Khan chairing first-ever meeting of the Board of Governors of National Counter Terrorism Authority (NACTA) at Prime Minister’s Office. APP

اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) کي هڪ فعال ۽ جديد ادارو بڻائڻ جي لاءِ نيون زميني حقيقتون ان جي ڪردار جي نئين سر جائزي جو گهرجائون آهن جڏهن ته نيڪٽا جي ڪردار ۽ معاملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪا هڪ هفتي ۾ پنهنجون سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس دوران ڪيو ويو.