نجي شعبو ملڪ مان بيروزگاري جي خاتمي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏي: وزيراعظم

ڪراچي – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نجي شعبي کي چيو آهي ته ملڪ مان بيروزگاري جي خاتمي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏي، مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاليسين کي اڳتي وڌائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ بزنس ڪميونٽي جي نمائنده وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سندس ڪراچي جي پهرين دوري …

ڪراچي – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نجي شعبي کي چيو آهي ته ملڪ مان بيروزگاري جي خاتمي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏي، مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاليسين کي اڳتي وڌائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ بزنس ڪميونٽي جي نمائنده وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سندس ڪراچي جي پهرين دوري جي موقعي تي ڪاروباري برادري جي ماڻهن سان ملاقات انتهائي خوشگوار رهي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پرامن انداز ۾ اقتدار جي منتقلي ٿي ۽ حڪومت فوري طور تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو جيڪو جمهوريت جي لاءِ سٺو سنئوڻ آهي.

مزید خبریں