اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران "هيپي آفريڪا ڊي” جي موقعي تي گڏيل فورم ٺاهڻ جي تجويز پيش

اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ هيپي آفريقا ڊي جي موقعي تي آفريقي ثقافت، آفريقي موسيقي ۽ آفريقي ورثي جي نمائندگي ڪندڙ روايتن ۽ قدرن کي هٿي وٺائڻ لاءِ گڏيل فورم جوڙڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته  پاڪستان لاءِ آفريقا ڊي گڏيل تاريخ ۽ گڏيل خواهشن جي ياد ڏياري ٿو. آفريقا اڄ پنهنجي تاريخ جي هڪ تبديلي جي مرحلي مان …

اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ هيپي آفريقا ڊي جي موقعي تي آفريقي ثقافت، آفريقي موسيقي ۽ آفريقي ورثي جي نمائندگي ڪندڙ روايتن ۽ قدرن کي هٿي وٺائڻ لاءِ گڏيل فورم جوڙڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته  پاڪستان لاءِ آفريقا ڊي گڏيل تاريخ ۽ گڏيل خواهشن جي ياد ڏياري ٿو. آفريقا اڄ پنهنجي تاريخ جي هڪ تبديلي جي مرحلي مان گذري رهيو آهي. آفريقا عالمي معيشت جي  سڀ کان سرگرم خطي طور اڀري رهيو آهي، هيپي آفريقا ڊي کي هن سال پاڻي جي پائيدار استعمال جو سال قرار ڏيڻ سٺو سئنوڻ آهي. پاڻي ئي زندگي آهي ۽ پاڻي جي اهميت کي اسان کان بهتر ئي ڪو ئي سمجهي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ هيپي آفريقا ڊي جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته آفريقا ڊي جي موقعي تي پنهنجي حڪومت پاران نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز  جوڳي آهي. هن هيپي ڊي جي موقعي  تي هلندڙ سال کي پاڻي جو پائيدار سال قرار ڏيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڻي ئي زندگي آهي، پاڻي جي اهميت کي اسان کان شايد ڪو بهتر سمجهي. عطا الله تارڙ چيو ته اسان وادي سنڌ جي تهذيب جا وارث آهيون. سنڌ جي تهذيب اسان جي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي نشاني آهي. وفاقي وزير پاڪستان لاءِ آفريقا ڊي کي گڏيل تاريخ ۽ گڏيل خواهش جي ياد ڏيارڻ قرار ڏيندي چيو ته آفريقي ملڪن وانگر پاڪستان پڻ نوآبادياتي دور جي تجربي مان گذري رهيو آهي، اهو گڏيل تاريخي تجربو پاڪستان ۽ آفريقا وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ يڪجهتي جو بنياد آهي. هن چيو ته آفريقا پنهنجي عظيم جاگرافيائي جي ڪري ڪنهن به لحاظ کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آفريقا سان وابستگي انگيج آفريقا پاليسي تحت اڳيان وڌي رهي آهي، مصر مان ڏکڻ آفريقا تائين ۽ سينيگال مان اٿوپيا تائين پاڪستان گڏيل رابطن ۽ سهڪار تي يقين رکي ٿو. وفاقي وزير انگيج آفريقا پاليسي کي آفريقي ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي پائيدار بنيادن تي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان آفريقا کي نه صرف سفارتي شراڪت داري طور ڏسي ٿو پر ان کي پنهنجي وسيع پرڏيهي پاليسي تائين رسائي جو هڪ مرڪزي ٿنڀ پڻ تصور ڪري ٿو. گذريل سالن دوران پاڪستان آفريقي وڏي کنڊ ۾ پنهنجي سفارتي نيٽ ورڪ کي لڳاتار وسعت  ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آفريقي ملڪن وچ ۾ سهڪار واپار، تعليم ۽ ڪارڪردگي ۾ اضافي، صحت ۽ دفاع سميت مختلف شعبن تائين ڦهليل آهي، جنهن جو مقصد گڏيل فائدو ۽ گڏيل ترقي آهي. وفاقي وزير ٻنهي ڌرين وچ ۾ انهن شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ واري عزم جو پڻ اظهار ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي هاڪاري سڃاڻپ جي بهتر عڪاسي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آفريقي ثقافت، آفريقي موسيقي ۽ ان جي قديم آفريقي قبيلن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ چاهي ٿو جيڪي اڄ به آفريقا جي وسيع خطي ۾ هم آهنگي سان موجود آهن. هن چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ جي شروعات ٿي چڪي آهي، پاڪستان آفريقي ٽيمن جي حمايت ڪندو جيڪي راندين جي ميدان ۾ هميشه شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪنديون رهيون آهن. هن چيو ته آفريقا ثقافت، موسيقي، پاڻي جي پائيدار استعمال ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻ سان گڏوگڏ جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ سڄي دنيا ۾ راندين کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته راندين جي ڪا ٻولي نه هوندي آهي، رانديون اسان کي هڪٻئي سامهون ۽ ويجهو آڻينديون آهن. هن چيو آفريقا اڄ پنهنجي تاريخ جي تبديلي جي مرحلي مان گذري رهيو آهي.دنيا ۾ سڀ کان وڏي نوجوان آبادي، تيزي سان وڌنڌڙ معيشتن، وڌنڌڙ اربنائزيشن ۽ ٽيڪنالوجي جي وڌنڌڙ استعمال سان گڏ آفريقا عالمي معيشت جي سڀ کان سرگرم خطن مان هڪ خطي طور اڀري رهيو آهي. هن چيو ته هي اها آفريقا آهي جنهن جو تصور نيلسن منڊيلا پيش ڪيو  هو، نيلسن منڊيلا چيو هو ته هو هڪ اهڙي آفريقا جو خواب ڏسي ٿو جيڪو پنهنجي امن ۽ مستقبل جي لامحدود امڪانن ذريعي سڃاتو وڃي. هن چيو ته آفريقا جي ڪهاڻي حوصلي ۽ بلند عزم جي ڪهاڻي آهي. وفاقي وزير ان موقعي تي سمورين آفريقي قومن کي آفريقا ڊي جي مبارڪ ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ آفريقا جي دوستي هميشه قائم رهندي.

مزید خبریں