اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پاور سيڪٽر سڌارن بابت وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو. جمعي ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم پاران پاور سيڪٽر سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي ٻئي اجلاس جي صدارت …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاور سيڪٽر سڌارن بابت قائم ڪيل ڪميٽي جو ٻيو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پاور سيڪٽر سڌارن بابت وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو. جمعي ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم پاران پاور سيڪٽر سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي ٻئي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ جاري نجڪاري قدمن جي ڏس ۾ ريگيوليٽري ادارن جي خودمختياري ۽ موثريت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدمن تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو جڏهن ته صارفين جي مفادن جي تحفظ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ سفارشن جي هڪ مجموعي تي اتفاق ڪيو ويو جنهن سان گڏ ڪميٽي کيس ڏنل ڪم مڪمل ڪري ورتو. ڪميٽي جي چيئرمين سمورن ميمبرن جي فعال شرڪت ۽ قيمتي تجويزن ۽ معاونت تي انهن جا ٿورا ادا ڪيا ۽ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، توانائي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي پري ويزولائيزيشن بابت صلاحڪار، نيشنل ڪوآرڊينيٽر – اين سي ايم سي، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا، قانون ۽ پاور ڊويزنن بابت سيڪريٽرين سميت لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.










