اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي واضح ڪيو آهي، ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي کان پوءِ وفاقي گادي واري هنڌ تي ڪنهن به صورت ڪاهه ڪرڻ يا جٿن جي يلغار جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن خبردار ڪيو ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف فوري طور توهين عدالت جي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. گهرو معاملن واري مملڪتي …
اسلام آباد تي ڪاهه جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي: گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي واضح ڪيو آهي، ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي کان پوءِ وفاقي گادي واري هنڌ تي ڪنهن به صورت ڪاهه ڪرڻ يا جٿن جي يلغار جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن خبردار ڪيو ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف فوري طور توهين عدالت جي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سان گڏجي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هر ممڪن طريقي سان احتجاج روڪڻ جي مڪمل تياري ۽ واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن. هن چٽي انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن مظاهرو ڪندڙن فائرنگ ڪئي يا قانون هٿ ۾ کنيو ته فورس جا جوان خاموش تماشائي بڻجي نه ويهندا پر موثر جواب ڏيندا. ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ فورسز جي قربانين جو حوالو ڏيندي محسن نقوي چيو ته هڪ طرف قوم شهيدن جا جنازه کڻي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي ڌرڻن ۽ ڪاهه جون تياريون جاري آهن. هن خيبر پختونخوا حڪومت ۽ وڏي وزير تي زور ڀريو ته هو اسلام آباد طرف مارچ تي وسيلا ضايع ڪرڻ بدران پنهنجي صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ قانون جي حڪمراني تي ڌيان ڏئي. گهرو وزير سياسي جلدن ۽ جٿن جي ڪاهه ۾ فرق واضح ڪندي چيو ته احتجاج هر سياسي پارٽي جو جمهوري حق آهي، پر هي پنهنجي پنهنجي علائقن ۽ صوبن جي حد تائين محدود هئڻ گهرجي، نه ڪي گادي واري هنڌ جي گهيراءَ ذريعي زندگي جو نظام مفلوج ڪري. هن تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن هن ڇڪتاڻ ۾ ڪو جاني نقصان ٿيو ته ان جو سڌي ريت زميوار احتجاج جي آرگنائيزرن تي هوندو. هن مخالف ڌر جي ذميوار اڳواڻن کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي، ته ٽڪراءَ جي ان سياست سان ملڪ کي رڳو نقصان ٿيندو جڏهن ته حڪومت جي اولين ترجيح شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.










