ڪراچي - 18 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ حڪومت جمعي ڏينهن صوبي اندر صنفِي برابريءَ جو هڪ تاريخي جائزو پيش ڪندي پنهنجي پهرين ’صنفِي برابري رپورٽ‘ پڌري ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني صوبائي کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي خاص سڌارا آڻين، صنفِي ضرورتن کي نظر ۾ رکندڙ طرزِ حڪمرانيءَ کي مضبوط ڪن ۽ عورتن توڙي ڇوڪرين لاءِ تعليم، صحت، معاشي موقعن …
صنفِي برابري رڳو سماجي انصاف جو معاملو ناهي، پر اها پائيدار ترقيءَ لاءِ به هڪ لازمي شرط آهي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ حڪومت جمعي ڏينهن صوبي اندر صنفِي برابريءَ جو هڪ تاريخي جائزو پيش ڪندي پنهنجي پهرين ’صنفِي برابري رپورٽ‘ پڌري ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني صوبائي کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي خاص سڌارا آڻين، صنفِي ضرورتن کي نظر ۾ رکندڙ طرزِ حڪمرانيءَ کي مضبوط ڪن ۽ عورتن توڙي ڇوڪرين لاءِ تعليم، صحت، معاشي موقعن ۽ نمائندگيءَ تائين پهچ کي بهتر بڻائين. وڏي وزير جي ترجمان موجب هيءَ رپورٽ وڏي وزير جي انساني حقن واري خاص معاون راجوير سنگهه سوڍو پاران وزيراعليٰ هائوس ۾ پيش ڪئي وئي. هيءَ رپورٽ صحت، تعليم، انصاف، حڪمراني، معاشي شموليت ۽ آباديءَ جي انگن اکرن سميت اهم شعبن ۾ صنفِي اڻبرابريءَ ۽ اڳڀرائيءَ بابت پهريون مڪمل صوبائي بنياد فراهم ڪري ٿي. رپورٽ ۾ مائرن جي صحت، عورتن جي روزگار ۽ سياسي سرگرمين ۾ نمايان واڌاري کي واضح ڪرڻ سان گڏوگڏ پڙهائي، اسڪولن ۾ نالن جي رجسٽريشن، ملازمتن ۾ نمائندگيءَ، ڊجيٽل پهچ ۽ فيصلا ڪندڙ عهدن تي عورتن جي اڃا تائين برقرار وٿين جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ پيش ڪرڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير ان کي پاليسي جوڙڻ جو هڪ اهم ذريعو قرار ڏنو جيڪو ثبوتن تي ٻڌل منصوبابندي، وسيلن جي ورڇ ۽ ادارا جاتي سڌارن ۾ اڳواڻي ڪندو، جن جو مقصد سڄي سنڌ ۾ صنفِي برابريءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صنفِي برابري رڳو سماجي انصاف جو معاملو ناهي، پر اها پائيدار ترقيءَ لاءِ به هڪ لازمي شرط آهي. هيءَ رپورٽ اسان کي واضح سمجهه ڏئي ٿي ته ڪهڙن شعبن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪٿي فوري قدمن جي ضرورت آهي. اسان انهن نتيجن کي صوبي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي اختيارمند بڻائيندڙ پاليسين ۽ پروگرامن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنداسين. عورتن کي اختيارمند بڻائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پراڻي واعدي کي ورجائيندي مراد علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ کيس بهادري، جمهوري قدرن ۽ صنفِي برابريءَ جو هڪ عالمي نشان قرار ڏنو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي سياسي جدوجهد عورتن جي اختيارمنديءَ، بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سڀني شهرين لاءِ برابريءَ جي موقعن لاءِ وقف ڪئي هئي. سندس اهو خواب هڪ وڌيڪ جامع ۽ برابر سنڌ اڏڻ جي اسان جي ڪوششن لاءِ اڄ به اڳواڻي ڪري ٿو. وڏي وزير سڀني صوبائي کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجون پاليسيون، پروگرام ۽ ترقياتي رٿائون هن رپورٽ جي نتيجن سان هم آهنگ ڪن. هن کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي صنفِي بنيادن تي الڳ ڪيل انگن اکرن جي نظام کي مضبوط ڪن، نگرانيءَ جي انتظامن کي بهتر بڻائين، ادارن وچ ۾ سهڪار کي وڌائين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته منصوبابنديءَ ۽ بجيٽ جي عمل ۾ عورتن جي ضرورتن ۽ راين کي شامل ڪيو وڃي. هن تعليم، صحت جي سهولتن، روزگار جي موقعن ۽ عوامي نمائندگيءَ ۾ موجود فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي جوڳا قدم کڻڻ تي به زور ڏنو، خاص طور تي ٻهراڙيءَ ۽ پٺتي پيل علائقن ۾. رپورٽ موجب سال 2023 ۾ سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار تائين پهچي وئي هئي جيڪا 2.57 سيڪڙو سالياني شرح سان وڌي رهي آهي، جنهن ۾ هر 100 عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن جو انگ 108.76 آهي. رپورٽ ۾ صحت جي شعبي ۾ لڳاتار اڳڀرائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي سرڪاري فنڊن جي ورڇ سال 24-2023 ۾ 214.5 ارب رپين مان وڌي سال 25-2024 ۾ 267.54 ارب رپيا ٿي وئي آهي ۽ سال 26-2025 ۾ ان جي وڌي 318.22 ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي. مائرن جي فوتگيءَ جي شرح 314 مان نمايان طور تي گهٽجي هر 1,00,000 ڄمندڙ ٻارن تي 224 تائين اچي وئي آهي، جڏهن ته نون ڄاول ٻارن جي فوتگيءَ جي شرح هر 1,000 ڄمندڙ ٻارن تي 24 هئي. انهن اڳڀراين جي باوجود، تعليم جو شعبو صوبي جي سڀ کان وڏن چئلينجن مان هڪ آهي. رپورٽ ڏيکاري ٿي ته مردن جي پڙهائيءَ جي شرح 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته عورتن ۾ اها 47 سيڪڙو آهي جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي عورتن ۾ پڙهائيءَ جي شرح ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين گهٽ يعني 27.52 سيڪڙو آهي. 5 کان 16 سالن جي عمر جون 40 لک 80 هزار کان وڌيڪ ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪا ڳالهه فوري ۽ لڳاتار قدمن جي ضرورت تي زور ڏئي ٿي. انصاف جي شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي اڃا تائين گهٽ آهي اهي پوليس فورس ۾ رڳو 4.34 سيڪڙو، پبلڪ پراسيڪيوٽرن ۾ 18.3 سيڪڙو ۽ ججن ۾ 13.7 سيڪڙو آهن. رپورٽ ۾ سال 2024 دوران صنفِي بنياد تي تشدد جا 3,085 ڪيس به رپورٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي تحفظ جي مضبوط انتظامن ۽ انصاف تائين بهتر پهچ جي ضرورت کي واضح ڪن ٿا. رپورٽ پيش ڪندي راجوير سنگهه سوڍو ان کي سنڌ جي انساني حقن واري ڍانچي لاءِ هڪ سنگِ ميل ۽ صنفِي ضرورتن تي ٻڌل پاليسي سازيءَ جو بنياد قرار ڏنو. هن چيو ته صوبائي سطح تي هي پهريون مڪمل جائزو آهي جيڪو ڪيترن ئي شعبن مان صنف سان لاڳاپيل اشارن کي هڪڙي ئي تجزياتي فريم ورڪ ۾ گڏ ڪري ٿو. هي پاليسي سازن کي وٿين جي سڃاڻپ ڪرڻ، اڳڀرائيءَ کي پرکڻ ۽ خاص قدم کڻڻ لاءِ ڀروسي جوڳا ثبوت فراهم ڪري ٿو. هيءَ رپورٽ حڪمراني، سياسي شموليت ۽ معاشي سرگرمين ۾ به حوصلا افزا لاڙن کي نمايان ڪري ٿي. عورتن جي ووٽرن جي داخلا 1 ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ عورتن جو انگ سال 2018 ۾ 23 مان وڌي سال 2024 ۾ 53 ٿي ويو. اهڙي ئي نموني، ليبر فورس ۾ عورتن جي شموليت 43.8 سيڪڙو مان وڌي 46.2 سيڪڙو ٿي وئي جڏهن ته روزگار ڪندڙ عورتن جو انگ 24 لک 80 هزار مان وڌي 33 لک 20 هزار ٿي ويو. تنهن هوندي به رپورٽ ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي ته ڊجيٽل رابطي، مالي شموليت، مهارتن جي ترقي، ڪاروباري سرگرمين ۽ معزز روزگار تائين پهچ سان لاڳاپيل رڪاوٽون اڃا تائين عورتن جي مڪمل معاشي شموليت کي محدود ڪن ٿيون.











