اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 77 گوجرانوالا ۾ ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. شيڊيول موجب چونڊ 8 نومبر تي ٿيندي. جمعي ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول موجب هن تڪ ۾ ڪاغذن جي نامزدگي 28 کان 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائي سگهبي. اميدوارن جي شروعاتي فهرست پهرين آڪٽوبر تي جاري ڪئي ٿيندي جن جي جاچ پڙتال …
اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين 77 گوجرانوالا ۾ ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 77 گوجرانوالا ۾ ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. شيڊيول موجب چونڊ 8 نومبر تي ٿيندي. جمعي ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول موجب هن تڪ ۾ ڪاغذن جي نامزدگي 28 کان 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائي سگهبي. اميدوارن جي شروعاتي فهرست پهرين آڪٽوبر تي جاري ڪئي ٿيندي جن جي جاچ پڙتال 5 آڪٽوبر تائين ٿيندي. ريٽرننگ آفيسر پاران ڪاغذن جي نامزدگي جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 9 آڪٽوبر تائين جڏهن ته انهن کي اپيليٽ ٽربيونل پاران 15 آڪٽوبر تائين اڪلايو ويندو. نظرثاني ٿيل فهرست 16 آڪٽوبر تي جاري ٿيندي. ڪاغذن جي نامزدگي 17 آڪٽوبر تي واپس وٺي سگهبي جڏهن ته اميدوارن کي چونڊ نشان 18 آڪٽوبر تي الاٽ ڪيا ويندا. پولنگ 8 نومبر تي ٿيندي، اها سيٽ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر ممود بشير ورڪ جي وفات سبب خالي ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن ان تڪ ۾ ننڍي چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق به جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن تحت ترقياتي اسڪيمن جي اعلانن تي پابندي هوندي، مقررين ۽ بدلين تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.











