اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪوهاٽ ۾ اولڊ پوليس لائينز ويجهو ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي، ان ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن ڌماڪي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته الله …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران ڪوهاٽ ۾ اولڊ پوليس لائينز ويجهو ڌماڪي جي مذمت
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪوهاٽ ۾ اولڊ پوليس لائينز ويجهو ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي، ان ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن ڌماڪي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته الله تعاليٰ حادثي ۾ جانيون وڃائيندڙن جي بخشش ۽ ڏکويل ڪٽنبن کي صبر عطا فرمائي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي بزدلاڻن عزمن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. فتنه الخوارج خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











