اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪوهاٽ پوليس پوليس لائينز مسجد ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مسجد جهڙي مقدس هنڌ تي نمازين کي نشانو بڻائڻ انتهائي وحشتپڻو آهي. دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن سندن ڪنهن به مذهب سان ڪو تعلق …
سينيٽ چيئرمين پاران ڪوهاٽ پوليس لائينز مسجد ڌماڪي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪوهاٽ پوليس پوليس لائينز مسجد ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مسجد جهڙي مقدس هنڌ تي نمازين کي نشانو بڻائڻ انتهائي وحشتپڻو آهي. دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن سندن ڪنهن به مذهب سان ڪو تعلق ناهي، هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي مڪروهه ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. دهشتگردي خلاف قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جو عزم پختو آهي. حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ دهشتگردن کي قانون موجب منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته دهشتگردي خلاف قومي جدوجهد جاري رهندي ۽ پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻائي ويندي. سيد يوسف رضا گيلاني ڌماڪي جي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي سندن وارثن سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.










