بلوچستان بابت منهنجي بيان جو رڳو هڪ حصو بدنيتي سان پيش ڪيو ويو، منهنجي نوٽيس کان اڳ ئي پوليس دوائن جا ڪنٽينرز ڇڏي ڏنا هئا:محسن نقوي

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان لاءِ هڪ ايس ايڇ او ڪافي آهي بابت بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي، ته ايس ايڇ او واري ڳالهه جو ٻيو حصو اهو هو ته اها ڳالهه علامتي طور تي چئي رهيو آهيان جڏهن ته ڄاڻي واڻي منهجي بيان جو هڪ حصو بيان ڪيو ويو. جمعي ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي وضاحت …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان لاءِ هڪ ايس ايڇ او ڪافي آهي بابت بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي، ته ايس ايڇ او واري ڳالهه جو ٻيو حصو اهو هو ته اها ڳالهه علامتي طور تي چئي رهيو آهيان جڏهن ته ڄاڻي واڻي منهجي بيان جو هڪ حصو بيان ڪيو ويو. جمعي ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي وضاحت ڪندي  محسن نقوي جو چوڻ هو ته مون صرف اهو چيو هو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز تمام دلير ۽ باهمت آهي، هڪڙو ايس ايڇ او ئي حالتون ٺيڪ ڪري سگهي ٿو، منهنجي ڳالهه جو ٻيو حصو اهو هو ته مان علامتي طور ڳالهائي رهيو آهيان پر بدنيتي سان منهنجي ڳالهه جو ٻيو حصو ڪٽي، پهرين حصي کي بيان ڪيو وڃي ٿو. پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي صحت جي حوالي سان جيتري فڪر سندس خاندان کي آهي اوتري ئي حڪومت پڻ آهي. شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل نه ڪرڻ جي سبب سان گڏ ضلعي انتظاميه جواب عدالت ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. محسن نقوي چيو ته معاملو عدالت ۾ هئڻ سبب وڌيڪ نه ڳالهائيندس شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقلي جي معاملي تي ضلعي انتظاميه جواب عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ دوائن جي ڪنٽينرز بابت سوال جواب ڏيندي هن چيو ته منهنجي نوٽيس کان اڳ ئي پوليس دوائن وارا ڪنٽينرز ڇڏي ڏنا هئا. گهروو زير چيو ته ڪنهن وٽ ڪنٽينر جي اندر ڏسڻ جي صلاحيت ناهي، جيئن ئي ڊرائيور ٻڌايو ته دوائن جو ڪنٽينر آهي ته پوليس ان کي ڇڏي ڏنو، منهنجي نوٽيس کان اڳ ئي دوائن جا ڪنٽينرز ڇڏيا ويا هئا.

مزید خبریں