اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) سپريم جوڊيشل ڪائونسل پاڪستان اعليٰ عدليه جي ججن لاءِ ضابطه اخلاق ( ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ) ۾ اهم ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهو فيصلو 11 جون 2026ع تي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيئرمين سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. ڇنڇر ڏينهن ڪائونسل پاران جاري ڪيل هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته منظور ٿيل ترميمن …
سپريم جوڊيشل ڪائونسل پاڪستان اعليٰ عدليه جي ججن لاءِ ضابطه اخلاق ( ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ) ۾ اهم ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) سپريم جوڊيشل ڪائونسل پاڪستان اعليٰ عدليه جي ججن لاءِ ضابطه اخلاق ( ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ) ۾ اهم ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهو فيصلو 11 جون 2026ع تي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيئرمين سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. ڇنڇر ڏينهن ڪائونسل پاران جاري ڪيل هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته منظور ٿيل ترميمن جو مقصد عدالتي نظام کي موجوده آئيني ۽ ادارتي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ ۽ ججن لاءِ تيار ڪيل اخلاقي اصولن کي وڌيڪ موثر ۽ جامع بڻائڻ آهي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل موجب، پهرين ترميم ضابطه اخلاق جي عنوان ۾ ڪئي وئي هئي. ان کان اڳ، ضابطه اخلاق جو عنوان "سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن لاءِ ضابطه اخلاق” هو، جڏهن ته، ترميم کانپوءِ، ان کي "وفاقي آئيني عدالت، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن لاءِ ضابطه اخلاق” قرار ڏنو ويو آهي.










