سيڪيورٽي فورسز طرفان خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاه ۽ آس پاس جي علائقن ۾ خوارج جي ڪيترن ٺڪاڻن تي انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروايُون، 21 خوارج جهنم ڀيڙا

راولپنڊي- 13 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز طرفان خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاه ۽ آس پاس جي علائقن ۾ خوارج جي ڪيترن ٺڪاڻن تي انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروايُون ڪيُون ويُون جنهن ۾ 21 خوارج جهنم ڀيڙا ٿي ويا. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، گذريل 72 ڪلاڪن ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه …

راولپنڊي- 13 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز طرفان خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاه ۽ آس پاس جي علائقن ۾ خوارج جي ڪيترن ٺڪاڻن تي انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروايُون ڪيُون ويُون جنهن ۾ 21 خوارج جهنم ڀيڙا ٿي ويا. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، گذريل 72 ڪلاڪن ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 21 خوارج  جن ۾ چار خوارجي رنگ اڳواڻ (خارجي خالد رضا عرف سالار، خوارج مفتون، خارجي موسيٰ ۽ خارجي عمران عرف عيان) کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. انتهائي مهارت ۽ درست آپريشن ۾ هيستائين مجموعي طور تي 48 خوارج ماريا ويا آهن.

مزید خبریں