اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هو آئين، قانون ۽ جمهوريت جي فروغ لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيُون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جون سيڪيورٽي فورسز پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيون آهن، اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين جو احترام ڪرڻو پوندو. ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم …
آئين، قانون ۽ جمهوريت جي فروغ لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيُون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جون سيڪيورٽي فورسز پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيون آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هو آئين، قانون ۽ جمهوريت جي فروغ لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيُون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جون سيڪيورٽي فورسز پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيون آهن، اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين جو احترام ڪرڻو پوندو. ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جيڪي نقطا اٿاريا آهن سڀني کي غور سان ٻڌو آهي، هُن جيڪي نقطا اٿاريا آهن انهن جو مناسب وقت تي تفصيلي جواب ڏينداسين. هن ايوان جا چونڊيل ميمبر چئني صوبن سان تعلق رکن ٿا ۽ اسان کي سڀني جو احترام آهي، هي ايوان هڪ گهر وانگر آهي. اسان سڀني کي پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ ۽ لاڳاپن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا وٿي آهي ته اُن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، عزت ۽ احترام کي فروغ ڏيڻو آهي. سياست، نظريا ۽ سوچ پنهجي پنهنجي آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون. ان لاءِ جيڪا به قرباني ڏني وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ صوبن جي وسيلن جو مسئلو اٿاريو، صوبن جا معاشي وسيلا انهن جو حق آهن. ان بابت ڪو به تڪرار نه آهي. ريڪوڊڪ معاهدو هڪ روشن مثال آهي. هي معاهدو بلوچستان جي اڳواڻن سان مڪمل صلاح مشوري کان پوءِ وجود ۾ آيو. ان ۾ بلوچستان جو حصو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته 2010ع جو اين ايف سي ايوارڊ پاڪستان جي تاريخ جو ڏهون ايوارڊ آهي. هن چيو ته بلوچستان هڪ خوبصورت صوبو هجڻ کانسواءِ بهادر ماڻهن جي ڌرتي آهي. ان جي حصي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. سڀني صوبن ان ۾ قرباني ڏني ۽ پنجاب پنهنجي حصي کان سڀ کان وڌيڪ بلوچستان کي ڏنو. پنجاب 11 ارب روپيا بلوچستان کي پنهنجي حصي مان هر سال ڏنا آهن، جيڪڏهن اسان وٽ هڪ ماني هُوندي ته اسان گڏجي اها کائينداسين، اهو اهسان ناهي پر ٻڌي آهي، هن چيو ته معاشي ۽ سماجي انصاف کانسواءِ گهر به نٿو هلي، ٻه سال اڳ بلوچستان جي آبادگارن کي 70 ارب رپين جي لاڳت سان سولر پينلز ڏنا، ان ۾ 50 ارب رپيا وفاق ڏنا هئا.










