اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال ۽ تازين اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ جي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن ۾ مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، مصري …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال ۽ تازين اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ جي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن ۾ مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، مصري پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري رابطا ۽ ڳالهيون جلد مثبت ۽ تعميري نتيجن تي پهچنديون، جيڪي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٿينديُون. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ مشاورت جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.










