وزيراعظم شهباز شريف پاران ميران شاه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 21 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 21 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزير اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز  ڪامياب آپريشن  دوران انتهائي گهربل 4 …

اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 21 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزير اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز  ڪامياب آپريشن  دوران انتهائي گهربل 4 خوارجي دهشتگردن سميت ٻين ڪيترن ئي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. عزم استحڪام واري ويزن تحت بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهي آهي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي.

مزید خبریں