وفاقي گهرو وزير ۽ يورپي يونين جي گهرو معاملن ۽ مائيگريشن واري ڪمشنر وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان يورپي يونين جي گهرو معاملن ۽ مائيگريشن واري ڪمشنر اهم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزارت مطابق ملاقات ۾ قانوني اميگريشن کي هٿي ڏيڻ، بارڊر مئنيجمينٽ ۽ غيرقانوني مائيگريشن جي روڪٿام بابت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. يورپي ڪمشنر ميگنس برنر غيرقانوني …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان يورپي يونين جي گهرو معاملن ۽ مائيگريشن واري ڪمشنر اهم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزارت مطابق ملاقات ۾ قانوني اميگريشن کي هٿي ڏيڻ، بارڊر مئنيجمينٽ ۽ غيرقانوني مائيگريشن جي روڪٿام بابت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. يورپي ڪمشنر ميگنس برنر غيرقانوني مائيگريشن خلاف پاڪستان پاران کنيل قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان جي ٺوس قدمن جي نتيجي ۾ يورپ پاران غيرقانوني مائيگريشن ۾ 64 سيڪڙو تائين نمايان گهٽتائي واقعي ٿي آهي، جيڪا تعريف جوڳي آهي. هن محدود وسيلن باوجود ايف آءِ اي جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ۽ واضح ڪيو ته غيرقانوني مائيگريشن ۾ گهٽتائي سان پاڪستانين لاءِ قانوني مائيگريشن جا نوان رستا کلندا. هن ان شعبي ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون جاري رکڻ جي خاطري به ڪرائي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني مائيگريشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي لاڳو آهي. 64 سيڪڙو گهٽتائي کان پوءِ هاڻي اسان جو ايندڙ هدف ان جو 100 سيڪڙو خاتمو آهي. هن زور ڀريو ته غيرقانوني مائيگريشن هڪ سنجيده عالمي مسئلو آهي ۽ ان جي مڪمل حل لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل ڀائيواري سان ڪم ڪرڻو پوندو. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن بارڊر سيڪيورٽي کي موثر بڻائڻ، قانوني اميگريشن جي دائريڪار کي سگهه ڏيڻ ۽ پاڪستاني هنرمند افرادي قوت لاءِ يورپ ۾ موقعا پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه غيرقانوني مائيگريشن جي خاتمي لاءِ يورپي يونين جي ايسٽرن ڪوريڊور انيشي ايٽو تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

مزید خبریں