پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ بقاءَ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ بقاءَ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، خيبرپختونخواهه جي عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي، امن امان جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون وينديون، صوبي ۾ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ اسپتالن کي فعال بڻائڻ، دوائن …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ بقاءَ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، خيبرپختونخواهه جي عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي، امن امان جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون وينديون، صوبي ۾ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ اسپتالن کي فعال بڻائڻ، دوائن جي فراهمي، پوليس جي تربيت، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيف سٽيز قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه پاڪستان جو انتهائي خوبصورت صوبو آهي ۽ اتان جي عوام غيرتمند ۽ بهادر آهي جنهن سدائين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون پيش ڪيون. هن چيو ته 18 – 2017ع تائين پاڪستان ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو هو جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ تي سوات ۾ دهشتگرد ٻيهر اچڻ شروع ٿي ويا ۽ انهن کي کليل ڇوٽ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته 2024ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ٻيهر حڪومت ٺهڻ کانپوءِ گذريل اڍائي سالن دوران وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان گڏجي هلڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون ۽ کيس يقين ڏياريو ويو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر گڏيل آهي ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ به گڏيل ذميواري آهي، نئين وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ به صوبائي حڪومت سان تعاون جي ڪوشش جاري رکي وئي. هن چيو ته اڄ خيبرپختونخواهه ۾ عوام، پوليس اهلڪار ۽ آفيسر شهيد ۽ اغوا ٿي رهيا آهن جڏهن ته فوج جا آفيسر ۽ جوان به پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن دهشتگردي ۽ رتوڇاڻ جو مڪمل خاتمو نه ڪيو ويو ته گذريل اڍائي سالن دوران ملڪ ترقي جو جيڪو سفر طئي ڪيو آهي، ان کي جاري رکڻ مشڪل هوندو. هن چيو ته ماضي جي مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيندي ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اهو سڀ ٽيم ورڪ، مضبوط حصيداري، خلوص ۽ سنجيدگي سان ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ۽ سڀ کان وڌي ڪري پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام کي قرضن جي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ آهي، تاريخ ۾ اهڙين قومن جا مثال موجود آهن جن قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، ان جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ به اهو هدف حاصل ڪرڻ ناممڪن نه آهي جڏهن ته ان جي لاءِ محنت، امانت ۽ ديانت گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڪا صوبائي حڪومت ملڪ جي ترقي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ بدران ان کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان کي اهو خدشو هجي ته ملڪ ترقي ڪري ورتي ته ان جي پنهنجي حيثيت ڪهڙي رهجي ويندي ته اها افسوسناڪ صورتحال آهي. هن واضح ڪيو ته هو خيبرپختونخواهه جي عوام نه پر صوبائي حڪومت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گذريل سال اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي ٿيندڙ ڌرڻي ۽ 14 – 2013ع ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهندڙ احتجاج سڀني جي سامهون آهي، 2013ع ۾ چيني صدر شي جن پنگ جو پاڪستان جو دورو به انهي صورتحال جي ڪري ملتوي ٿيو. وزيراعظم چيو ته اهڙين حالتن ۾ جڏهن ملڪ کي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو هجي، وفاقي حڪومت سان گڏ بيهڻ، پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ، پوليس کي بااختيار بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي اداري (سي ٽي ڊي) کي مضبوط ڪرڻ بدران ڌرڻن، گارگند ۽ الزام بازي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته تازن هفتن ۽ مهينن دوران اڳوڻي وڏي وزير جهڙي طرح جون ڳالهيون ڪيون ۽ الزام بازي ڪئي اهو ڪو دشمن به نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ساٿ ڏيڻ بدران پاڪ فوج جي شهيدن جي خلاف الزام بازي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته دهشتگردن جي خلاف ڪير ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته جڏهن هو نيويارڪ ۾ هو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کيس چيو ته “وزيراعظم، هي هڪ نئون پاڪستان آهي.” وزيراعظم چيو ته هن جواب ۾ واضح ڪيو ته پاڪستان اهو ئي آهي جڏهن ته ملڪ ۾ تبديلي آئي آهي ۽ حڪومت پاران ٽيم ورڪ جي ذريعي کنيل قدم ان جو نتيجو آهن جنهن تي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان ۾ سڌارا ۽ تبديليون ان جي اميدن کان وڌي ڪري آهن. هن چيو ته لنڊن ۾ بارڪليز بئنڪ، سٽي بئنڪ، جي پي مورگن ۽ ٻين بئنڪن جي وفدن سان پڻ سندس ملاقاتون ٿيون، انهن عالمي ادارن جي نمائندن گذريل اڍائي سالن دوران پاڪستان ۾ ايندڙ تبديلين ۽ سڌارن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ ۾ حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون ۽ سيڙپڪاري ايندي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي جو خاتمو ٿي وڃي ته ان سان هر شيءَ بدلجي سگهي ٿي. هن سوال اٿاريو ته جڏهن دهشتگردي پکڙجي رهي هجي، روزانو قربانيون ڏنيون پيون وڃن ۽ هڪ سياسي پارٽي پنهنجو وقت ۽ وسيلا ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ تي هڻي رهي هجي ته ترقي ۽ خوشحالي جو سفر ڪيئن اڳتي وڌي سگهي ٿو؟ هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام گذريل 13 سالن کان يونيورسٽين، اسڪولن، اسپتالن، دوائن جي فراهمي، بهتر امن امان ۽ بدعنواني ۾ گهٽتائي جي منتطر آهي جڏهن ته انهن مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ بدران ڌرڻن ۽ لانگ مارچ جي لاءِ وقت ۽ وسيلا هنيا پيا وڃن. هن سوال ڪيو ته ڇا ڪو مهذب معاشرو ان ڳالهه کي برداشت ڪري سگهي ٿو ته ماڻهو هٿيارن سان گڏ ڌرڻي جي لاءِ گڏ ٿين؟ وزيراعظم چيو ته حڪومت مشاورت کانپوءِ ان وقت فيصلو ڪيو جڏهن ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ختم ٿيو. هن ٻڌايو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا نمائندا شامل هئا ۽  ڏينهن رات ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. هڪ موقعي تي معاهدو طئي ٿيڻ جي ويجهو هو ۽ سمورين شرطن تي اتفاق ٿي چڪو هو جڏهن ته آخري مرحلي ۾ وڌيڪ وقت گهريو ويو ته جيئن مسودو وڏي وزير کي ڏيکاري سگهجي جنهن کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ناڪام ٿي وئي، ان کانپوءِ صورتحال اهڙي ٿي وئي جو 9 مئي جهڙا واقعا ٻيهر پيدا ڪرڻ ۽ تباهي مچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. وزيراعظم ٻڌايو ته ان کانپوءِ مولانا فضل الرحمان سان به رابطو ڪيو ويو ۽ ان سان ملاقاتون ٿيون. هڪ موقعي تي هو پنهنجي ساٿين سان گڏ رات جي وقت جڏهن ٻيو ڀيرو فجر جي وقت ساڻس ملڻ  آيو. بعد ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جيڪو اڍائي ڪلاڪ جاري رهيو جنهن ۾ اتحادي پارٽيون به شامل هيون. تفصيلي بحث کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ وڌيڪ انتظار نه ٿو ڪري سگهجي، ٻي صورت ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهيون پئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اولين ترجيح ڏيندي حڪومت کي ايمرجنسي هڻڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو، ڇو ته ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ بقاءَ کان وڌيڪ اهم ڪا شيءَ نه آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ايڊوائيزري ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ماهر، پيشيور ماڻهو، ڊاڪٽرز، تعليمي ماهر ۽ مالياتي معاملن جا ماهر شامل آهن. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، تعليمي ادارا ۽ اسپتالون فعال هجن، دوائون دستياب هجن، امن امان بهتر بڻايو وڃي ۽ دهشتگردي جو موثر مقابلو ڪيو وڃي. هن چيو ته پوليس جي تربيت، سي ٽي ڊي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيف سٽيز قائم ڪرڻ جي ذريعي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ ان جا نتيجا واضح طور تي سامهون ايندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت سچي نيت سان خيبرپختونخواهه جي عوام جي خدمت ڪندي ۽ انهن کي ڏيکاريندي ته ترقياتي منصوبا ڪهڙي طرح شروع ڪيا وڃن ٿا، انهن کي ڪهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ٿو ۽ امن امان کي ڪيئن بهتر بڻايو وڃي ٿو. هن خيبرپختونخواهه جي عوام کي بهادر، غيرتمند ۽ مهمان نواز قرار ڏيندي چيو ته انهن جي خوشحالي، ترقي ۽ وقار جي بحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن واضح ڪيو ته انهن قدمن جو مقصد دهشتگردي جو خاتمو ۽ عوام جي خدمت آهي.

مزید خبریں