ملڪ ۾ سياسي استحڪام، امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو خاتمو وفاقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام، امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو خاتمو وفاقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن جڏهن ته عوام ملڪ، هٿياربند فوج ۽ شهيدن سان گڏ بيٺل آهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام، امن امان قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو خاتمو وفاقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن جڏهن ته عوام ملڪ، هٿياربند فوج ۽ شهيدن سان گڏ بيٺل آهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده حڪومت مشڪل حالتن ۾ ملڪ سنڀاليو آهي ۽ معيشت جي بحالي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ آئين ۽ قانون جي عملداري يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا آئيني آپشنز استعمال ڪيا پيا وڃن. دانيال چوڌري چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت سمورن صوبن ۾ امن امان جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں