اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته چوڌري محمود بشير ورڪ ۽ چوڌري محمد اشرف جون سياسي ۽ سماجي خدمتون قابل قدر آهن ۽ مسلم ليگ (ن) سان انهن جي وابستگي مضبوط هئي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايوان ٻن بزرگ سياستدانن کان محروم ٿيو آهي جن جي …
اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران چوڌري محمود بشير ورڪ ۽ چوڌري محمد اشرف کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته چوڌري محمود بشير ورڪ ۽ چوڌري محمد اشرف جون سياسي ۽ سماجي خدمتون قابل قدر آهن ۽ مسلم ليگ (ن) سان انهن جي وابستگي مضبوط هئي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايوان ٻن بزرگ سياستدانن کان محروم ٿيو آهي جن جي شخصيت ۽ سياسي خدمتون هڪ جهڙيون آهن. هن چيو ته چوڌري محمود بشير ورڪ سان سندس پراڻو تعلق رهيو. هن چوڌري محمود بشير ورڪ کي انتهائي شفيق ۽ ديانتدار انسان قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته وزيرآباد تعلقي ۾ چوڌري محمود بشير ورڪ ۽ سندس ڳوٺ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ ورڪ خاندان جي بزرگن سان سندس خاندان جا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته چوڌري محمود بشير ورڪ ان کان به وڌيڪ خراج عقيدت جو مستحق آهي جيڪو اڄ ايوان ۾ کيس پيش ڪيو پيو وڃي. هن دعا ڪئي ته الله تعالى ٻنهي بزرگ سياستدانن چوڌري محمود بشير ورڪ ۽ چوڌري محمد اشرف کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي.










