سلطنت عمان جو پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سلطنت عمان جو پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب سلطنت عمان جو پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي 13 کان 14 آڪٽوبر تائين پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. هوائي …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سلطنت عمان جو پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب سلطنت عمان جو پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي 13 کان 14 آڪٽوبر تائين پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. هوائي اڏي تي اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (وچ اوڀر) سندس استقبال ڪيو. عمان جو پرڏيهي وزير اٺين پاڪ – عمان گڏيل وزارتي ڪميشن ۾ عماني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ٻطرفي ملاقات پڻ ڪندو.

مزید خبریں