اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملتان ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جي پٽڙي تان لهڻ جي حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ملتان ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جي پٽڙي تان لهڻ جي حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملتان ويجهو رحمان بابا ايڪسپريس جي پٽڙي تان لهڻ جي حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى هن مشڪل وقت ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي ۽ سمورن زخمين کي جلد صحتياب ڪري. لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي، متاثر مسافرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي هر ممڪن مدد ڏني وڃي ۽ امدادي ٽيمن ۽ شروعاتي طبي امداد فراهم ڪندڙ اهلڪارن جي ذريعي ضروري مدد يقيني بڻائي وڃي.









