اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ ڪنهن سياسي مقصد لاءِ نه پر دهشتگردي جي خاتمي جي واحد ايجنڊا تحت ڪيو ويو آهي، دهشتگردي سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، جنهن جي هوندي نه ڪاروبار هلي سگهي ٿو ۽ نه ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان …
ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ڪنهن سياسي مقصد لاءِ نه پر دهشتگردي جي خاتمي جي واحد ايجنڊا تحت ڪيو ويو آهي: طلال چوڌري
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ ڪنهن سياسي مقصد لاءِ نه پر دهشتگردي جي خاتمي جي واحد ايجنڊا تحت ڪيو ويو آهي، دهشتگردي سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، جنهن جي هوندي نه ڪاروبار هلي سگهي ٿو ۽ نه ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت گذريل اڍائي سال دوران دهشتگردي جي خاتمي ۽ صوبائي حڪومت سان تعاون لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، صوبي جي ٻنهي وڏن وزيرن وفاق کان جيڪي مطالبا ڪيا اهي پورا ڪيا ويا، ان ڪري دهشتگردن کُلي ڪري دهشتگرد قرار نه ڏنو وڃي ۽ انهن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿي ته پوءِ ڪو به رستو باقي نه ٿو بچي. هن چيو ته گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ دوران ڪنهن قسم جي مزاحمت نه ٿي ۽ ماڻهن ان جي آجيان ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل 14 سال دوران صوبي ۾ دهشتگردي سبب ٻار اسڪولن کان محروم رهيا ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون، اهي قدم نه ڪي پي ڪي جي خلاف آهن ۽ نه ئي پختونن جي خلاف پر ان جو پورو مقصد سڄي پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ آهي.









