مٿانهين علائقن چترال، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بونير، ايبٽ آباد، مري، گليات، وادي نيلم، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ وچولي برسات سبب لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي: موسميات کاتي جي تنبيهه

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي، تنبيهه جاري ڪئي آهي ته اڱاري جي رات ۽ 14 آڪٽوبر دوران مٿانهين علائقن چترال، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بونير، ايبٽ آباد، مري، گليات، وادي نيلم، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ وچولي برسات سبب لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اولهه وارين هوائن جو سلسلو ملڪ جي اڪثر مٿانهين ۽ وچولي علائقن تي اثر انداز …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي، تنبيهه جاري ڪئي آهي ته اڱاري جي رات ۽ 14 آڪٽوبر دوران مٿانهين علائقن چترال، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بونير، ايبٽ آباد، مري، گليات، وادي نيلم، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ وچولي برسات سبب لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اولهه وارين هوائن جو سلسلو ملڪ جي اڪثر مٿانهين ۽ وچولي علائقن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ گهميل رهڻ کانپوءِ ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا، اسلام آباد ۽ مٿانهين/ وچولي پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي، جڏهن ته ملڪي جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، پوٽوهار خطي، بلوچستان، گلگٽ بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي.