ڪراچي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان الغزالي يونيورسٽي جي ٻن ڏينهن واري عالمي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مسلمان ملڪن جي يونيورسٽين جي چانسلرن، وائيس چانسلرن، ريڪٽرن ۽ ٻين عالمي تعليمي شخصيتن گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مسلم دنيا جي يونيورسٽين وچ ۾ تعليمي سهڪار، تحقيق کي هٿي ڏيڻ، علمي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ …
سنڌ جي گورنر سان الغزالي يونيورسٽي جي ٻن ڏينهن واري عالمي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مسلمان ملڪن جي يونيورسٽين جي چانسلرن، وائيس چانسلرن، ريڪٽرن ۽ ٻين عالمي تعليمي شخصيتن جي ملاقات
ڪراچي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان الغزالي يونيورسٽي جي ٻن ڏينهن واري عالمي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مسلمان ملڪن جي يونيورسٽين جي چانسلرن، وائيس چانسلرن، ريڪٽرن ۽ ٻين عالمي تعليمي شخصيتن گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مسلم دنيا جي يونيورسٽين وچ ۾ تعليمي سهڪار، تحقيق کي هٿي ڏيڻ، علمي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ گڏيل قدمن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو ته مسلم دنيا جي يونيورسٽين وچ ۾ تعليمي سهڪار، تحقيق ۽ علمي رابطن کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هڪ ٻئي جي تجربن ۽ تحقيقي ڪم مان لاڀ حاصل ڪري اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ مسلم ملڪن جي يونيورسٽين وچ ۾ اثرائتا ۽ مربوط رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻا پوندا، جيئن علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ گڏيل هدف حاصل ڪري سگهجن. جامعته الرشيد جي سرپرست ۽ الغزالي يونيورسٽي جي چانسلر مفتي عبدالرحيم چيو ته ٻن ڏينهن واري عالمي سربراهي اجلاس ۾ 34 مسلمان ملڪن جي وفدن جي شرڪت پاڪستان لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته اجلاس دوران عالم اسلام کي درپيش چئلينجن، مستقبل جي خطرن ۽ اهم معاملن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. سندس چوڻ موجب اجلاس دوران مختلف اهم معاملن تي ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن، جن جا هاڪاري نتيجا جلد سامهون اچڻ جو امڪان آهي. مفتي عبدالرحيم جامعه الازهر جي وائيس چانسلر پاران پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپس فراهم ڪرڻ جي امڪان کي ساراهيندي چيو ته اهڙن قدمن سان پاڪستاني شاگردن کي اعليٰ تعليم جا وڌيڪ موقعا ملي سگهن ٿا. مصر جي اڳوڻي وزير ۽ رابطه الجامعات الاسلاميه جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر سامي الشريف پاڪستان جي مهمان نوازي کي ساراهيندي چيو ته مسلم ملڪن وچ ۾ تعليمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل تعليمي پاليسي جوڙڻ تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته مسلم ملڪن کي پنهنجين تعليمي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ ۽ يونيورسٽين وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. سندس چوڻ موجب پاڪستان جي ايٽمي طاقت مسلم دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ پڻ حوصلي جو سبب آهي. هن ٻڌايو ته رابطه الجامعات الاسلاميه جي علائقائي آفيس الغزالي يونيورسٽي ۾ قائم ڪئي پئي وڃي. ملاقات ۾ مصر، ملائيشيا، ترڪيه، لبنان، يمن، برونائي دارالسلام، صوماليا، موريتانيا، ليبيا، اردن ۽ ٻين ملڪن جي يونيورسٽين سان لاڳاپيل تعليمي شخصيتن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ قاهره يونيورسٽي، مصر، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ملائيشيا ۽ ٻين عالمي يونيورسٽين جا نمائندا پڻ شامل هئا. عمان جي قونصل جنرل سميع الخنجاري ۽ ٻيا معزز ماڻهو پڻ ان موقعي تي موجود هئا .ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته مسلم ملڪن جي يونيورسٽين وچ ۾ علمي رابطن، گڏيل تحقيق ۽ تعليمي سهڪار کي هٿي ڏئي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا.











