اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان جي دواسازي جي صنعت آفريقي مارڪيٽن ۾ پنهنجي روانگي واپار وڌائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، پاڪستاني دوائن جي رجسٽريشن ۽ منظوري سان التوا هيٺ معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه وٺائي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي …
پاڪستان جي دواسازي جي صنعت آفريقي مارڪيٽن ۾ پنهنجي روانگي واپار وڌائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان جي دواسازي جي صنعت آفريقي مارڪيٽن ۾ پنهنجي روانگي واپار وڌائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، پاڪستاني دوائن جي رجسٽريشن ۽ منظوري سان التوا هيٺ معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه وٺائي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا سان ملاقات دوران ڪيو. ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا ٻڌايو ته ايٿوپيا ۾ پاڪستاني دوائن جي رجسٽريشن التوا هيٺ معاملن کي اختيارين سامهون اٿاريندي. هن چيو ته ايٿوپيا جي لاڳاپيل عملدارن رجسٽريشن جا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي حوالي سان هاڪاري خاطري ڪرائي آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ، واپاري رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ڪاروباري رابطا مضبوط بڻائڻ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پاڪستاني دوا ساز ڪمپنين کي ايٿوپيا جي مارڪيٽن تائين پهچ ڏيڻ ۽ پاڪستاني دوائن جي رجسٽريشن ۽ منظوري جي عمل ۾ ايندڙ رڪاوٽون جلد ختم ڪرڻ تي خاص زور ڀريو ويو. واپار واري سيڪريٽري جواد پال پاڪستاني دوا ساز ڪمپنين جي معائني ۽ ضروري جاچ پڙتال جي لاءِ ايٿوپيا جي فني ٽيم پاران پاڪستان جو دورو جلد يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ عالمي واپاري تنظيم ۾ ايٿوپيا جي شموليت جي عمل تي به ڳالهيون ٿيون. ايٿوپيا جي سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ پاڪستان جا واپاري خدشا گڏيل مشارت ذريعي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ٻنهي ڌرين سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا ڇوٽ جي تجويز واري معاهدي تي اڳڀرائي جو جائزو به ورتو. ملاقات ۾ وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل، واپار واري سيڪريٽري جاويد پال ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ملاقات جي پڄاڻي تي پاڪستان ۽ ايٿوپيا التوا هيٺ معاملا جلد اڪلائڻ، واپاري رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











