اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جا وڌندڙ واقعا ان فيصلي ۾ اهم عنصر هئا. ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي مدي جو ڪو به حتمي ٽائيم فريم نٿا ڏئي سگهون، ضرورت پوڻ تي ان ۾ واڌ ڪري …
خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ٿيو، ايمرجنسي جو فيصلو آئيني آهي: قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جا وڌندڙ واقعا ان فيصلي ۾ اهم عنصر هئا. ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي مدي جو ڪو به حتمي ٽائيم فريم نٿا ڏئي سگهون، ضرورت پوڻ تي ان ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي. اڱاري تي پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته آئين رياستي نظام حڪومت ۽ مختلف حالتن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار جو تعين ڪري ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو ڪو سياسي مقصد هجي ها ته اهو قدم اڳ ۾ به کڻي سگهجي پيو. هن چيو ته خيبر پختونخوا جي اڳوڻي حڪومت جو دهشتگردي خلاف عدم تعاون ۽ ڪردار رڪارڊ تي آهي، جيڪڏهن دهشتگردي جي خاتمي کي ترجيح ڏيڻ بدران سياسي مفادن لاءِ ماڻهن کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ وفاقي ادارن سان گڏجي دهشتگردي خلاف مربوط ڪوششون نه ڪيون وڃن ته اهو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته وزيراعظم معاملو وفاقي ڪابينه سامهون رکيو جتي سمورن معاملن جو جائزو وٺن کان پوءِ ڪي پي ڪي جي عوام جي تحفظ ۽ وفاق کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آئيني رستو اختيار ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جي لپيت ۾ آهي ۽ اهو نئون مسئلو ناهي، افغان جنگ کان پوءِ خطي ۾ دهشتگردي جا اثر سامهون ايندا رهيا، پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بهادري ۽ قربانين جا مثال قائم ڪيا ۽ ان حوالي سان ڪوششون اڄ به جاري آهن. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ تازن سالن دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان اضافو ٿيو. 2021ع کان 2024ع دوران صوبي ۾ دهشتگردي جا 2911 واقعا رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ انگن اکرن ۾ اهو تعداد وڌي اٽڪل 8600 تائين پهچي ويو. ان مطابق ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اٽڪل 200 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، دهشتگردي بابت اهي انگ اکر مختلف سرڪاري ادارن وفاقي حڪومت سان شيئر ڪيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف ڪوششن کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مضبوط رابطو ۽ مربوط حڪمت عملي ضروري آهي، پاڪستان ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا اختيار آئين تحت ورهايل آهن ۽ ٻئي حڪومتون پنهنجي آئيني ۽ قانوني دائري اختيار ۾ رهندي ڪم ڪن ٿيون.











