صدر پاران بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جرئت ۽ بهادري تي فخر آهي، دهشتگردن جي مُڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايُون ڀرپُور انداز ۾ جاري رهنديون. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري …

اسلام آباد- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جرئت ۽ بهادري تي فخر آهي، دهشتگردن جي مُڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايُون ڀرپُور انداز ۾ جاري رهنديون. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موثر حڪمت عملي ذريعي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڀرپُور انداز ۾ جاري رهنديون، صدر چيو ته پاڪستان عالمي امن جي قيام ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي هزارين بهادر سپوتن ۽ ڌيئرن جي قرباني ڏني آهي، پاڪستاني قوم ۽ ان جي بهادر هٿياربند فوج پاڪستان، خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي دشمنن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جو عزم ۽ صلاحيت موجُود آهي. صدر چيو ته دوست ملڪ ۽ اتحادين جي تعاون سان امن ۽ استحڪام جي دشمنن جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو.

مزید خبریں