وفاقي گهرو وزير پاران خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ خوارجين خلاف ڪاميابي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن وقت سر ۽ اثرائتيون ڪارروائيون ڪندي فتنه الخوارج جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن خيبر پختونخوا جي …

اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ خوارجين خلاف ڪاميابي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن وقت سر ۽ اثرائتيون ڪارروائيون ڪندي فتنه الخوارج جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعي خيبر جي علائقي باڙه ۾ 5 ۽ بلوچستان جي ضلع چاغي جي علائقي نوڪچه ۾ 2 خوارجين کي مارڻ تي جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. محسن نقوي چيو ته خوارجي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي مسلسل ۽ ڪامياب ڪارروائين پوري قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن تي اسان کي فخر آهي ۽ پوري قوم کي پنهنجي محفاظن تي فخر آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته انشاالله عوام جي مڪمل حمايت سان ملڪ جي ڌرتي خوارجين ۽ دهشتگردن جي ناسور کان مڪمل پاڪ ڪئي ويندي.