چين پاران پاڪستان کي زرعي ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ سان جٽادار معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي رهي آهي: پاڪستاني قونصلر جنرل

بيجنگ -29 سيپٽمبر (اي پي پي) چينگڊو ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل تنوير احمد ڀٽي چيو آهي، ته چين پاران پاڪستان کي زرعي ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٺوس فائدا حاصل ٿيا آهن جنهن سان پائيدار معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. هن اها ڳالهه 12هين چينگڊو انٽرنيشنل اربن ماڊرن ايگريڪلچر ايڪسپو ۽ ڪلسٽر اينڊ چين ڊولپمينٽ بابت چينگڊو ماڊرن اربن ايگريڪلچر انويسٽمينٽ پروموشن ڪانفرنس  …

بيجنگ -29 سيپٽمبر (اي پي پي) چينگڊو ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل تنوير احمد ڀٽي چيو آهي، ته چين پاران پاڪستان کي زرعي ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٺوس فائدا حاصل ٿيا آهن جنهن سان پائيدار معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. هن اها ڳالهه 12هين چينگڊو انٽرنيشنل اربن ماڊرن ايگريڪلچر ايڪسپو ۽ ڪلسٽر اينڊ چين ڊولپمينٽ بابت چينگڊو ماڊرن اربن ايگريڪلچر انويسٽمينٽ پروموشن ڪانفرنس  جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. قونصل جرنل چيو ته سيچوان صوبي مان فراهم ڪيل هائبرڊ مرچ جي قسمن ۽ خشڪ ڪندڙ اوزارن عيوض پاڪستاني آبادگارن کي في ايڪڙ آمدني وڌي 900 ڊالر في ايڪڙ تائين پهچي وئي آهي.  هن چيو ته ان تعاون پاڪستان کي چين جي زرعي مصنوعات جي پراسيسنگ انڊسٽري جي سپلاءِ چين سان سڌي ريت ڳنڍي ڇڏيو آهي. جيڪو ان ڳالهه جو ڪامياب مثال آهي ته زرعي تعاون غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ ڪهڙي ريت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.  قونصل جنرل چيو ته چين جي هائبرڊ چانور جي ٽيڪنالاجي به پاڪستاني آبادگارن کي پيداوار ۾  اضافي ۾ مدد ڏئي رهي آهي. پاڪستاني قونصل جنرل  چيو ته زرعي تعاون جي اهميت رڳو واپار جي وڌندڙ انگ اکرن تائين محدود ناهي پر ان جو وڌيڪ اهم رخ ٻنهي ملڪن جي عام ماڻهن جي روزاني جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ آهي.

مزید خبریں