اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي)گلگت بلتستان جي جابلو علائقي ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ مقامي معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ 34.5 ميگاواٽ هارپو هائيڊرو پاور منصوبي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن کي 34 ارب 30 ڪروڙ روپين جي مجموعي لاڳت سان منظور ڪيو ويو آهي. اسڪردو ويجهو تعمير ٿيندڙ اهو منصوبو مقامي آبي وسيلن سان صاف ۽ اعتماد جوڳي بجلي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ …
اڏام پاڪستان تحت هارپو پن بجلي منصوبو گلگت بلتستان جي توانائي ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو

مزید خبریں
اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي)گلگت بلتستان جي جابلو علائقي ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ مقامي معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ 34.5 ميگاواٽ هارپو هائيڊرو پاور منصوبي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن کي 34 ارب 30 ڪروڙ روپين جي مجموعي لاڳت سان منظور ڪيو ويو آهي. اسڪردو ويجهو تعمير ٿيندڙ اهو منصوبو مقامي آبي وسيلن سان صاف ۽ اعتماد جوڳي بجلي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليم، صحت، ڪاروبار ۽ سياحت جي شعبن جي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. منصوبي جو مقصد مقامي آبي وسيلن کي ڪتب آڻيندي ماحول دوست توانائي پيدا ڪرڻ آهي. پلاننگ مطابق هارپو پن بجلي منصوبي جي اهميت رڳو اضافي بجلي جي پيداوار تائين محدود ناهي پر اعتماد جوڳي توانائي جي فراهمي سان بجلي جي بندش ۾ گهٽتائي، بنيادي عوامي خدمتن جي تسلسل، مقامي ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. گلگت بلتستان جهڙي جاگرافيائي اعتبار سان ڏکئي خطي ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي جي بهتري مقامي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ خطي جي سياحت ۽ معاشي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اڏام پاڪستان جي سستي ۽ اثرائتي توانائي جي ٿنڀ سان هم آهنگ هارپو هائيڊرو پاور منصوبو مضبوط، جٽادار ۽ موثر بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ملڪ جي هر خطي تائين ترقي جا ثمرا پهچائڻ جي قومي ترجيح جي عڪاسي ڪري ٿو.









