واشنگٽن -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون چيو آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ممڪن آهي. پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو موقف …
ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ممڪن آهي: راڻا محمد قاسم نون

مزید خبریں
واشنگٽن -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون چيو آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ممڪن آهي. پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو موقف واضح لفظن ۾ عالمي براري سامهون پيش ڪيو آهي، جيڪو واکاڻ جوڳو آهي. جنرل اسيمبلي جي تازي اجلاس دوران او آءِ سي جي رابطا گروپ ۾ شامل ميمبر ملڪن ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪئي، ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان جو حل صرف گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرڻ ذريعي ئي ممڪن آهي. پاڪستاني ۽ ڪشميري هڪ جان ٻه دليون آهن، هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابي پوري دنيا سامهون ڪشمير مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو جنهن ڏکڻ ايشيا کي ايٽمي جنگ جي چانئٺ تي آڻي بيهاريو. ان موقعي تي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو ته والاريل ڪشمير گذريل 8 ڏهاڪن کان ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، ڪشميري شهيدن جي لازوال قربانين کي وساري نٿو سگهجي، هن چيو ته معيشت ۽ سياست تي ڌيان ۽ مسلسل محنت ڪاميابي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو. گڏيل قومن جي 81 هين سيشن ۾ شرڪت کان پوءِ واشنگٽن دوري جو مقصد عالمي برادري جو ڌيان ڪشمير مسئلي جي پائيدار حل طرف ڇڪائڻ آهي.









