هانگ زو -29 سيپٽمبر(اي پي ي ) روس جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ ڊينئيل مد ويديف ۽ روس جو ٽينس رانديگر ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ آندري روبلوف پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي هانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ پهچي ويا . پرڏيهي ميڊيا موجب اي ٽي پي هانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ ۽ سخت …
ڊينئيل مد ويديف ۽ آندري روبلوف هانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچي ويا

مزید خبریں
هانگ زو -29 سيپٽمبر(اي پي ي ) روس جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ ڊينئيل مد ويديف ۽ روس جو ٽينس رانديگر ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ آندري روبلوف پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي هانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ پهچي ويا . پرڏيهي ميڊيا موجب اي ٽي پي هانگ زو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلاچين ۾ جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي زبردست مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. هانگ زو اولپمڪ اسپورٽس ايڪسپو سينٽر ۾ کيڏيل مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ميچ ۾ روس جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڊينيئل مدويديف بهترين راند پيش ڪندي هم وطن مخالف رانديگر رومن صافيولن کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 7-5 ۽ 6-4 تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو هڪ ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ روس جي ٽينس رانديگر ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آندري روبلوف فرانس جي مخالف رانديگر ڪيرين جيڪٽ کي ٽاءِ بريڪ تي اسٽريٽ سيٽس ۾ 7-0 )7-6 )۽ 6-1 تان هارائي ٽورنامينٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.









