رياض -29 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت حج سيزن 2027ع لاءِ پرڏيهه مان ايندڙ حج پانڌيئڙن لاءِ جامع پئڪيج جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت بيان ۾ ٻڌايو آهي، ته ان پئڪيج ۾ اليڪٽرانڪ پاٿ پليٽ فارم تي هڪ ئي اي ايگريمينٽ ذريعي سعودي عرب اچڻ کان روانگي تائين سموريون بنيادي خدمتون شامل آهن. جامع پئڪيج ۾ چار بنيادي سروسز مقدس …
حج 2027ع لاءِ پرڏيهه مان ايندڙ حج پانڌيئڙن لاءِ جامع پئڪيج جاري

مزید خبریں
رياض -29 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت حج سيزن 2027ع لاءِ پرڏيهه مان ايندڙ حج پانڌيئڙن لاءِ جامع پئڪيج جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت بيان ۾ ٻڌايو آهي، ته ان پئڪيج ۾ اليڪٽرانڪ پاٿ پليٽ فارم تي هڪ ئي اي ايگريمينٽ ذريعي سعودي عرب اچڻ کان روانگي تائين سموريون بنيادي خدمتون شامل آهن. جامع پئڪيج ۾ چار بنيادي سروسز مقدس ماڳن جي خدمتن، مڪي ۽ مديني ۾ هاسپيٽليٽي فيسليٽيز (مهمان نواز جي سهولت)، ٽرانسپورٽيشن ۽ ڪيٽرنگ شامل آهن. ان کان علاوه اختياري اضافي خدمتون به دستياب آهن. ان سان پرڏيهي حج معاملن جا آفيسر ۽ ايجنسيون مختلف حج پانڌيئڙن جي گروپن لاءِ انهن جي ضرورتن مطابق واضح ۽ لچڪدار ايگريمينٽ فريم ورڪ جي اندر موزون پروگرام تيار ڪري سگهنديون. وزارت چيو آهي، ته انهن ڪوششن جو مقصد حج پانڌيئڙن کي آساني ۽ اطمينان سان حج جا رڪن ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۽ انهن جي روحاني تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي. ان کان اڳ سعودي حج ۽ عمري واري وزارت نئين حج سيز سال 2027ع کان اڳ سڄي دنيا جي 75 کان وڌيڪ ملڪن ۾ حج معاملن جي آفيسرن سان تيارين جي حوالي سان اجلاسن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.









