پاڪ – چين دوستي گڏيل احترام، اعتماد، امن ۽ ترقي جي گڏيل عزم تي گامزن: سينيٽ چيئرمين

قوفو، چين - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل احترام، اعتماد، امن ۽ ترقي جي گڏيل عزم تي گامزن آهي، چين جي عظيم مفڪر ۽ استاد ڪنفيوشس جي تعليم اڄ به علم ۽ سکيا، دوستي، هم آهنگي جي حوالي سان غير معمولي اهميت رکي ٿي. هن اها ڳالهه چائنا انٽرنيشنل ڪنفيوشس ڪلچرل فيسٽيول جي موقعي تي پنهنجي …

قوفو، چين – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل احترام، اعتماد، امن ۽ ترقي جي گڏيل عزم تي گامزن آهي، چين جي عظيم مفڪر ۽ استاد ڪنفيوشس جي تعليم اڄ به علم ۽ سکيا، دوستي، هم آهنگي جي حوالي سان غير معمولي اهميت رکي ٿي. هن اها ڳالهه چائنا انٽرنيشنل ڪنفيوشس ڪلچرل فيسٽيول جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي.  اهو فيسٽيول چين جي تاريخي شهر قوفو ۾ منعقد ٿيو، جيڪو عظيم مفڪر ۽ فلسفي ڪنفيوشس جو اباڻو شهر آهي.  پنهنجي پيغام ۾ هن فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙن، دانشورن ۽ معزز مهمانن کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته ڪنفيوشس جي تعليم اڄ به علم ۽ سکيا، دوستي، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي حوالي سان غير معمولي اهميت رکي ٿي. پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته 2026ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام کي 75 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي لازوال ڀائيچاري تي ٻڌل دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ خطي م امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته تعليم، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطا پاڪستان ۽ چين جي عوام کي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردارادا ڪري رهيا آهن. هن پاڪستاني يونيورسٽين ۾ قائم  ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽس جي خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته اهي ادارا چيني ٻولي ۽ ثقافت کي هٿي وٺائڻ  ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گڏيل فهم ۽ آگاهي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن نوجوانن کي هڪ ٻئي مان سکڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ادب، تعليم، سئانس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ رابطا ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ گهرجي، ته جيئن ٻئي عظيم تهذيبون خيالن، علم ۽ انساني فهم ۽ ادراڪ ذريعي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچي سگهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو فيسٽيول پاڪستان ۽ چين جي عوام وچ ۾ گڏيل فهم کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ ۽ ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته مضبوط پل رڳو پٿر ۽ فولاد سان نه پر علم، دوستي ۽ انساني دلين سان به تعمير ٿيندي آهي. هن فيسٽيول جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ چين جي  مثالي ۽ مضبوط دوستي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.