ڪوئٽا -29 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن دشمن ڌرين جي مڪمل خاتمي لاءِ جاري آپريشن رد الفتنه 3 تحت ضلع چاغي جي علائقي نوڪچه ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي 2 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن نوڪچه ويجهو هڪ خالي واٽر بازار کي باهه ڏيڻ کان پوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي علائقي ۾ موجود سيڪيورٽي …
بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 3 تحت سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، نوڪچه ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
ڪوئٽا -29 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن دشمن ڌرين جي مڪمل خاتمي لاءِ جاري آپريشن رد الفتنه 3 تحت ضلع چاغي جي علائقي نوڪچه ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي 2 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن نوڪچه ويجهو هڪ خالي واٽر بازار کي باهه ڏيڻ کان پوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي علائقي ۾ موجود سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي ٻنهي شرپسندن کي موقعي تي ماري ڇڏيو. ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد اين 40 قومي شاهراه تي ڪيترن ئي هنڌن تي باهيون ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي وارڌاتن ۾ ملوث هئا. واضح رهي ته ان کان اڳ 31 آگسٽ تي به ان علائقي ۾ ان نوعيت جي تخريبڪاري ۾ ملوث 11 دهشتگردن کي ماريو ويو هو. سيڪيورٽي ذيعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي ڌرتي تان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رهنديون.









