نگار سلطانه آسٽريليا خلاف سيريز ۾ به بنگلاديش جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان برقرار

ڍاڪه -29 سيپٽمبر (اي پي پي)بنگلاديش ڪرڪٽ بورڊ (بي سي بي) نگار سلطانه جوتي کي ويمنز ٽيم جي ون ڪپتاني تان هٽائڻ جي سمورن افواهن کي رد ڪندي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته هوءَ آسٽريليا ۾ به ٽيم جي قيادت ڪندي.. پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ويمنز ٽيم کي آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي جڏهن ته ايشين گيمز دوران نگار سلطانه جو اوچتو ٽي- ٽوئنٽي ڪپتاني …

ڍاڪه -29 سيپٽمبر (اي پي پي)بنگلاديش ڪرڪٽ بورڊ (بي سي بي) نگار سلطانه جوتي کي ويمنز ٽيم جي ون ڪپتاني تان هٽائڻ جي سمورن افواهن کي رد ڪندي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته هوءَ آسٽريليا ۾ به ٽيم جي قيادت ڪندي.. پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ويمنز ٽيم کي آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي جڏهن ته ايشين گيمز دوران نگار سلطانه جو اوچتو ٽي- ٽوئنٽي ڪپتاني ڇڏڻ جي فيصلي کانپوءِ بورڊ ۾ نئين قيادت بابت ڳالهيون شروع ٿي ويون هيون. بي سي بي ويمنز ونگ جي چيئر مين رفيق الاسلام بابو رانديگرياڻين سان ملاقات کان پوءِ واضح ڪيو ته نگار سلطانه ئي ايندڙ سيريز ۾ ڪپتان رهندي. واضح رهي ته نگار سلطانه  سال 2021ع کان ون ڊي فار ميٽ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني جا فرض سر انجام ڏئي رهي آهي. ٻئي پاسي بورڊ سينيئر ڪوچ سرور عمران پاران ايشين گيمز کانپوءِ ڏنل غلط بيانن تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته في الحال شوڪاز نوٽيس جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته بنگلاديش ۽ آسٽريليا جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 9 آڪٽوبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي .