پمز ۾ مختلف هنڌن تي موجود ٽن ايمرجنسيز کي گڏ ڪري نئون ٽراما سينٽر تعمير ڪيو ويو آهي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ماضي ۾ پمز ۾ مختلف هنڌن تي ايمرجنسيز موجود هيون، جن کي هڪ جاءِ تي منتقل ڪري نئون ٽراما سينٽر تعمير ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پمز ۾ ساڍا 7 ارب روپين جي لاڳت سان نئون ٽراما سينٽر مڪمل ڪيو ويو آهي، پمز ۾ 10 ارب روپين جي لاڳت مان 205 بسترن تي ٻڌل …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ماضي ۾ پمز ۾ مختلف هنڌن تي ايمرجنسيز موجود هيون، جن کي هڪ جاءِ تي منتقل ڪري نئون ٽراما سينٽر تعمير ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پمز ۾ ساڍا 7 ارب روپين جي لاڳت سان نئون ٽراما سينٽر مڪمل ڪيو ويو آهي، پمز ۾ 10 ارب روپين جي لاڳت مان 205 بسترن تي ٻڌل نئون ڪينسر اسپتال پڻ تعمير ڪيو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن پمز اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. صحت واري وفاقي وزير چيو ته پمز اسپتال ۾ هن کان اڳ ڪينسر جي مريضن لاءِ صرف 11 بسترن جي سهولت موجود هئي، جڏهن ته نئين ڪينسر اسپتال جي تڪميل سان هن شعبي ۾ نمايان بهتري ايندي، هن ٻڌايو ته پمز جي پراڻي عمارت جي حوالي سان 2018ع کان هڪ منصوبو تيار هو، جڏهن ته اسان پهرين پي سي ون  بعد ۾ ٻي پي سي ون ۾ خاميون سامهون آيو، ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ پي ڊبليو ڊي بند ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سي ڊي اي عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو، مصطفيٰ ڪمال چيو ته هن گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان رابطو ڪري تعميراتي ڪم تيز ڪرايو، هن ٻڌايو ته مڌر ايندڙ چائلڊ هيلٿ سينٽر ۾ مرمتي ڪم  15 نومبر تائين مڪمل ٿي ويندو. پمز ۾ نئين اسپتالن جي تعمير سميت مختلف ترقياتي ڪم پهرين کان جاري آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ليبارٽري جي حوالي سان هڪ پرائيويٽ ڪمپني سان ڀائيواري ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن تحت مريضن جا ٽيسٽ بنا اضافي رقم خرچ ڪرڻ جي ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪوشش آهي ته پمز ايندڙ مريضن کي هڪ به ٽيسٽ ٻاهران نه ڪرائڻي پوي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هيپاٽائيٽس جو 7هزار روپين جي ماليت واري ٽيسٽ مفت ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته 34 هزار ماليت جي دوا پڻ مفت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته هيپاٽائيٽس جي حوالي سان هن وقت تائين 70 هزار ٽيسٽيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته نادرا سان به معاهدا موجود آهي. وفاقي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته هو مفت هيپاٽائيٽس ٽيسٽ جي سهولت مان فائدو کڻن. هن چيو ته ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس جا هڪ ڪروڙ 10 لک مريض آهن ۽ هي بيماري جگر جي ڪينسر ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ ٽيسٽ لازمي قرار ڏني ويندي ۽ عوام کي مفت سهولتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي هلائڻ ۽ بچائڻ لاءِ  صوبا لازم ۽ ملزوم آهن. وفاق پنهنجي آمدني جو  57 سيڪڙو صوبن کي ڏئي ٿو. جڏهن ته 8 هزار884 ارب روپيا صوبن کي منتقل ٿي ويندا آهن،هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن وفاقي وسيلن جو وڏو حصو صوبن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي ته ڇا موجوده نظام کي ترقي قرار ڏئي سگهجي ٿي؟ مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ جو پورو نظام سڌارن جو گهرجائو آهي. هن چيو ته ملڪ جي 55 سيڪڙو آبادي کي صاف پاڻي ميسر ناهي، جڏهن ته 2 ڪروڙ 60 لک ماڻهن کي پاڻي جي سهولت موجود ناهي. هن چيو ته گذريل 18 سالن ۾ 22 هزار ارب روپيا صوبن کي ڏنا ويا آهن، ان باوجود بنيادي سهولتن جا مسئلا موجود آهن. هن چيو ته  هن وقت ضروري آهي ته اختيارن جو موثر استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته چئني صوبن کي الڳ الڳ وحدتن بدران قومي نظام جو حصو سمجهي  اڳتي وڌڻو پوندو. هن سنڌ جي صورتحال جو حوالو ڏيندي چيو ته حيدرآباد ۾ ٻار مري رهيا آهن  ماڻهو پيئڻ جو صاف پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ 12، 12 ڪلوميٽر پري وڃن ٿا پر ان صورتحال تي گهربل رد عمل سامهون نه اچي رهيو آهي. وفاقي وزير 27 سيپٽمبر جي حوالي سان چيو ته سندس دعا آهي ته الله رحم فرمائي. هن چيو ته پوليس ۽ مظاهرين ته ڪنهن جا ٻچا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي وطن واپسي کانپوءِ کيس سڌارن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.