گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي)چين عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اتحاد ۽ تعاون مضبوط بڻائيندي ترقي ۽ سلامتي کي هڪجهڙي اهميت ڏئي مصنوعي ذهانت کي انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود لاءِ استعمال ۽ دنيا جي امن، استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڇونگ مصنوعي ذهانت ۽ عالمي سلامتي جي موضوع تي سلامتي ڪائونسل …
سلامتي ۽ ترقي جي هڪجهڙي اهميت، مصنوعي ذهانت کي فلاح ۽ بهبود لاءِ استعمال ڪيو وڃي: چين

مزید خبریں
گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي)چين عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اتحاد ۽ تعاون مضبوط بڻائيندي ترقي ۽ سلامتي کي هڪجهڙي اهميت ڏئي مصنوعي ذهانت کي انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود لاءِ استعمال ۽ دنيا جي امن، استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڇونگ مصنوعي ذهانت ۽ عالمي سلامتي جي موضوع تي سلامتي ڪائونسل جي اوپن سيشن کي خطاب ڪندي چئي. نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت انسان ذات جي گڏيل دولت آهي، ڊجيٽل ۽ ذهين ٽيڪنالاجي جي فرق سان ترقياتي فرق کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي حقيقي گهڻ رخي تي عمل ڪرڻ گهرجي. مصنوعي ذهانت جي عالمي حڪمراني ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ اسرندڙ ملڪن جي نمائندگي ۽ اظهار راءِ کي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته مختلف ملڪن جي مصنوعي ذهانت جي ترقياتي حڪمت عملين، حڪمراني جي قاعدن ۽ فني معيارن وچ ۾ هم آهنگي ۽ هڪجهڙائي کي مضبوط بڻائڻ گهرجي ته جيئن هڪ وسيع اتفاق راءِ تي ٻڌل عالمي حڪمراني جو فريم ورڪ جوڙي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ هڪ اداره جاتي ڍال فراهم ڪري سگهجي. چيني نمائندي چيو ته سندس ملڪ مصنوعي ذهانت جي ترقي جي عمل ڪري رهيو آهي ۽ ان جي عالمي حڪمراني لاءِ مثبت خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو. چين جي اپيل تي مصنوعي ذهانت جي عالمي تعاون تنظيم شنگهائي ۾ قائم ٿي جيڪا مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ پهرين عالمي بين الحڪومتي تنظيم آهي. چين هن کليل پليٽ فارم ۾ شرڪت لاءِ وڌ کان وڌ ملڪن جي آجيان ڪري ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته مختلف ملڪن سان گڏجي مصنوعي ذهانت جي هڪ منصفاڻي ۽ مناسب عالمي حڪمراني واري نظام جي تعمير کي هٿي ڏيندو ۽ گڏجي انسان ذات جي خوبصورت هم نصيب معاشري کي جوڙيو ويندو.










