بدين - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) بدين ۾ سامي فائونڊيشن پاران آواز-II پروگرام تحت ڪيئر پاڪستان ۽ ضلعي حڪومت ۽ انتظاميا جي سهڪار سان سماجي شموليت جي موضوع تي ضلعي آواز آگاهي ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد معاشري جي مختلف طبقن ۾ برابري، سماجي شموليت، برداشت، حقن، عزت ۽ وقار سان گڏ معاشري ۾ اثرائتي شرڪت بابت آگاهي کي هٿي وٺرائڻ هو. ميلي ۾ ٿيٽر سميت مختلف …
بدين ۾ سامي فائونڊيشن پاران آواز-II پروگرام تحت ضلعي آواز آگاهي ميلو

مزید خبریں
بدين – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) بدين ۾ سامي فائونڊيشن پاران آواز-II پروگرام تحت ڪيئر پاڪستان ۽ ضلعي حڪومت ۽ انتظاميا جي سهڪار سان سماجي شموليت جي موضوع تي ضلعي آواز آگاهي ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد معاشري جي مختلف طبقن ۾ برابري، سماجي شموليت، برداشت، حقن، عزت ۽ وقار سان گڏ معاشري ۾ اثرائتي شرڪت بابت آگاهي کي هٿي وٺرائڻ هو. ميلي ۾ ٿيٽر سميت مختلف سرگريون پيش ڪيون وريون. ميلي دوران خاص ڪهاڻي ٻڌائڻ جو سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور لوڪ ڪهاڻيڪار حسن بصري پنهنجي منفرد مقامي انداز ۾ ڪهاڻيون پيش ڪيون. انهن ڪهاڻين ذريعي تصوف، محبت، برداشت، انسانيت ۽ سماجي هم آهنگي جهڙن موضوعن کي اجاگر ڪيو ويو ـ ميلي جي هڪ اهم سرگرمي سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين جي شاگردن پاران پيش ڪيل ٿيٽر هو. شاگردن پنهنجي پرفارمنس ذريعي معاشرتي اڻبرابري، خواجه سرائن کي درپيش چئلينجز، گهريلو تشدد ۽ صنفي بنياد تي ٿيندڙ تشدد جهڙن اهم سماجي مسئلن کي اجاگر ڪيو، جنهن کي شرڪت ڪندڙن پاران ساراهيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر طفيل احمد چانڊيو سماجي شموليت ۽ تعليم جي اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته تعليم برابري، برداشت، آگاهي ۽ مثبت سماجي تبديلي کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. جڏهن ته سامي فائونڊيشن جي سانوڻ لطيف جوڻيجو چيو ته هڪ جامع ۽ شموليت تي ٻڌل قائم ڪرڻ جي لاءِ لاءِ هر شخص کي برابري جا موقعا، عزت ۽ وقار سان گڏ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار ۽ معاشري ۾ بامقصد شرڪت جا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهن. ڊاڪٽر انيلا سومرو سماجي شموليت جي مختلف رخن تي خيالن جو اظهار ڪندي معاشري جي محروم ۽ مختلف طبقن جي شرڪت ۽ انهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نامياري ليکڪ خادم ٽالپر معاشري ۾ موجود اڻبرابري، مختلف سماجي گروهن جي شموليت، برابري، عزت ۽ وقار ۽ برابر شرڪت تي ٻڌل معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت تي خيالن جو اظهار ڪيو. ميلي دوران مشهور سنڌي فنڪار ذوالفقار لنڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ڀڳت خانو گروپ پاران روايتي ڀڳتي پيش ڪئي وئي، جنهن سان تقريب ۾ ثقافتي رنگ وڌيڪ نمايان ٿي ويا. ميلي ۾ مختلف معلوماتي، ثقافتي، ھٿ جي ھنر ۽ کاڌي پيتي جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، جن ۾ وليج فورم جو دستڪاري اسٽال، آواز آگاهي مرڪز، ممتا پروگرام، ايم اي ايل سي ۽ مختلف کاڌي پيتي جا اسٽال شامل هئا. انهن اسٽالن ذريعي شرڪت ڪندڙن کي مقامي دستڪاري، مختلف ادارن جي قدمن ۽ ڪميونٽي سطح تي هلندڙ پروگرامن بابت معلومات فراهم ڪئي وئي. تقريب جي پڄاڻي تي سامي فائونڊيشن پاران شرڪت ڪندڙن ۽ ميلي جي مختلف سرگرمين ۾ سهڪار ڪندڙ ماڻهن ۾ تحفا ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ميلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڪِيوَل ميگهواڙ. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائل دين محمد ڏيرو سميت مختلف سرڪاري کاتن، سول سوسائٽي تنظيمن، غير سرڪاري ادارن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.










