عورتن کي اڳتي وڌڻ جا برابري وارا موقعا فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو معاشي، سماجي ڪردار نهايت اهم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائي ئي ملڪ کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پنهنجي ملڪ جي عورتن کي فرنٽ لائين تي سيڪيورٽي جون ذميوارين نڀائيندي ڏسي کيس …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ عورتن جو معاشي، سماجي ڪردار نهايت اهم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائي ئي ملڪ کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پنهنجي ملڪ جي عورتن کي فرنٽ لائين تي سيڪيورٽي جون ذميوارين نڀائيندي ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ۽ فخر ٿيو. وفاقي وزير چيو ته اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اهڙو سازگار ۽ بااختيار ماحول جوڙيون جتي عورتون اڳتي وڌي سگهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور طريقي سان ڪتب آڻي سگهن ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ان وقت ممڪن آهي جڏهن ملڪ جي عورتن کي به اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا حاصل هجن. عورتون پاڪستان جي سائي جهنڊي جي ستاري وانگر ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.