سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير پاران ورلڊ اڪنامڪ فورم جي تقريب ۾ شرڪت، پاڪستان ۾ جامع ريگوليٽري سڌارن، سيڙپڪاري لاءِ سهولتڪاري جي قدمن کي اجاگر ڪيو

نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ نيويارڪ ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سسٽين ايبل ڊولپمينٽ امپيڪٽ ميٽنگز 2026ع جي اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستان ۾ جاري جامع ريگوليٽري سڌارن، سيڙپڪارن لاءِ سهولتڪاري جي قدمن ۽ پائيدار، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ايڪسپورٽ سيڙپڪاري جي وڌندڙ موقعن کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير گلوبل ريگوليٽري انوويشن پليٽ فارم جي افتتاحي پينل ريگوليٽنگ ٿرو ان …

نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ نيويارڪ ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سسٽين ايبل ڊولپمينٽ امپيڪٽ ميٽنگز 2026ع جي اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستان ۾ جاري جامع ريگوليٽري سڌارن، سيڙپڪارن لاءِ سهولتڪاري جي قدمن ۽ پائيدار، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ايڪسپورٽ سيڙپڪاري جي وڌندڙ موقعن کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير گلوبل ريگوليٽري انوويشن پليٽ فارم جي افتتاحي پينل ريگوليٽنگ ٿرو ان سرٽينٽي: ٽرننگ انوويشن اِنٽو ايمپلي منٽيش کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اهڙو ريگوليٽري ماحول جوڙي رهيو آهي جيڪو عوامي مفاد جو تحفظ، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ۽ مستحڪم رکي ۽ جدت جي تصورن سان عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو حڪومت جو مقصد گهٽ ۾ گهٽ،سادو ۽ اڳڪٿي ڪرڻ جي قابل ريگوليشنز متعارف ڪرائڻ آهي، جڏهن ته ضروري حفاظتي گهرجن کي برقرار رکيو وڃي. هن چيو ته بنيادي مقصد بهتر ريگويشن آهي، جيڪو سيڙپڪارن لاءِ مصنوبابندي کي آسان بڻائي، بدليل حالتن مطابق پاڻ ٺاهي سگهي ۽ عوامي اعتماد کي برقرار ري. وفاقي وزير ريگوليٽري جديد ڪاري ۾ بورڊ آف انسويسٽمينٽ جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته اٽڪل 30 شعبن ۾ 90 جي لڳ ڀڳ وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي تعاون سان 500 کان وڌيڪ ريگوليٽري سڌارا لاڳو ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ريگوليٽري ماڊرنائيزيشن انيشيٽيو (PRMI) واپاري معاملن  بابت قانونن ۽ ضابطن جو جائزو وٺڻ، انهن کي آسان بڻائڻ۽ ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ هڪ منظم فريم ورڪ فراهم ڪري رهيو آهي. آسان ڪاروبار ايڪٽ 2025ع پڻ ريگوليٽري جديدڪاري جي عمل کي وڌيڪ اداراجاتي بنياد فراهم ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ريگوليٽري رجسٽري ۽ پاڪستان بزنس پورٽل جهڙا قدم شامل آهن . وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته انهن قدمن جو مقصد غير ضروري ريگوليٽري گهرجن ۾ گهٽتائي، ڪاروباري تعميل جي بار کي گهٽ ڪرڻ، سرڪاري ادارن جي وچ ۾ رابطاڪاري بهتر بڻائڻ ۽ ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن لاءِ حڪومتي خدمتن کي وڌيڪ آسان، شفاف ۽ اڳڪٿي جي قابل بڻائڻ آهي. سيڙپڪارين کي عملي سهولت فراهم ڪرڻ جو هڪ اهم مثال پيش ڪندي وفاقي وزير بورڊ آف انويسٽمينٽ جي بزنس فيسليٽيشن سينٽر اسلام آباد جو ذڪر ڪيو، جتي 22 وفاقي ادارن کي هڪ ئي ڇت هيٺان گڏ ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن کي رجسٽريشن، لائسنسز، سرٽيفڪيٽس، پرمٽس، منظوريون ۽ ٻين ريگوليٽري خدمتن تائين مضبوط رسائي فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته بزنس فيسليٽيشن سينٽر ريگوليٽري سڌارن کي عملي سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪرن جو هڪ موثر مثال آهي. پهرين 8 مهيني دوران مرڪز  5386 ڪاروباري ادارن کي خدمتون فراهم ڪيون ، 4555 منظورين ۽ اين اوسيز تي ڪارروائي ڪئي، 5.08 ارب روپين جي سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪئي ۽  15680روزگار جي موقعن جي مدد ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽڙيل ۽ پچيده طريقيڪار کان مربوط ۽ سيڙپڪار دوست خدمتن طرف وڌي رهيو آهي ۽ بزنس فيسليٽيشن سينٽر ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ريگوليٽري سڌارن کي موثر عملدرآمد ۾ ڪيئن تبديل ڪري سگهجي ٿو. مصنوعي ذهانت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي تيزي سان بدلجندڙ منظرنامي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جدت ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ انساني ذميواري، سيڪيورٽي، شفاف ۽ عوامي اعتماد کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي حُوالي سان هڪ متوازن ۽ حالتن موجب پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ڪنٽرولڊ تجربا ۽ ريگوليٽري اسٽينڊ باڪسز به شامل آهن. هن ٻڌايو ته سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سميت مختلف ادارن کي ريگوليٽري سينڊباڪسز ذريعي جديدڪاروباري ماڊلز کي محدود ۽ محفوظ ماحول ۾ جانچڻ جو تجربو حاصل آهي. وفاقي وزير چيو ته نيشنل اي آءِ پاليسي ۽ وسيع تر ريگوليٽري جديدڪاري جا قدم ذميوارڻي مصنوعي ذهانت جي ترقي ۽ ِ استعمال لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪندا ۽ گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ جدت لاءِ نيون راهون کوليندا. هن چيو ته تيزي سان اڳتي وڌڻ جو مطلب گهٽ  ريگوليشن ناهي پر اهڙو ريگوليشن جوڙڻ آهي جيڪو سکڻ ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن  موجب پاڻ کي بدلائڻ جي صلاحيت رکندو هجي.  هن ثبوتن جي بنياد تي پاليسي سازي، اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ۽ ٽيڪنالاجي جي ارتقا سان باقاعده جائزي جي اهميت تي زور ڀريو. قيصر احمد شيخ پاڪستان جي سيڙپڪاري فريم ورڪ کي اجاگر ڪندي چيو ته ملڪ مختلف پيداواري شعبن ۾ عالمي سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا فراهم ڪري رهيو آهي.  انويسٽمينٽ پاليسي 2023ع تحت گهڻن شعبن ۾ لاڳاپيل شعباجاتي گهرجن موجب پرڏيهي سيڙپڪارن کي 100 سيڪڙو تائين ملڪيت جي اجازت آهي، جڏهن ته لاڳو ٿيڻ جهڙن مٽاسٽا جي طريقيڪار تحت منافعو ۽ سرمايو واپس کڻي وڃڻ جي سهولت پڻ موجود آهي. هن چيو ته  پاڪستان کي 44 نوٽيفائيڊ اسپيشل اڪنامڪ زونز  صنعتي ترقي، روانگي واپار ۾ واڌ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وفاقي وزير اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ موجود رعايتن جو ذڪر ڪندي چيو ته اهل زون انٽرپرائيزز کي سال 2035ع تائين انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ، لاڳو ٿيندڙ مدي کان ڇوٽ ۽ قانوني شرطن موجب حاصل آهي. جڏهن ته اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ لڳائڻ لاءِ ٻاهران گهرايل اهل پلانٽ ۽ مشينري تي هڪ دفعو ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز کان ڇوٽ به شرطن تحت دستياب آهي. هن چيو ته ريگوليٽري سڌارا ۽ سيڙپڪارن لاءِ بهتر سهولتڪاري سان اهي مراعتون پاڪستان ۾ پيداواري سيڙپڪاري، صنعتي بنياد کي مضبوط بڻائڻ ۽ روانگي واپار جي صلاحيت ۾ واڌ لاءِ مددگار ثابت ٿي رهيون آهن. قيصر احمد شيخ پاڪستان جي عالمي سيڙپڪاري رابطن ۾ اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي پاڪستان چين بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس 2025ع کي نمايان مثال قرار ڏنو جنهن ۾ 623 چيني ڪمپنين ۽ اٽڪل 300 پاڪستاني ڪمپنين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس دوران 3500 کان وڌيڪ بي ٽي بو ميچ ميڪنگ اجلاس، 25 جوائنٽ وينچرز ۽ 142 مفاهمتي يادداشتون ٿيون جن جي مجموعي ماليت اٽڪل 9.5 ارب آمريڪي ڊالر هئي. هن چيو ته پاڪستان چين بي ٽو بي رابطن جو تجربو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته منظم ڪاروباري رابطا سيڙپڪاري جي موقعن کي عملي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.