اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ايوي ايشن، رفائنريز جي جديدڪاري ۽ ريڪوڊڪ منصوبي جي حوالي سان عالمي حصيدارن سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزارت موجب، ناڻي واري وزير سڄو ڏينهن جاري رهندڙ ملاقاتن جي سلسلي ۾ ڊجيٽل ڪوآپريشن …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران عالمي ڀائيوارن سان ڊجيٽلائيزيشن، ايوي ايشن، رفائنريز جي جديدڪاري، ريڪوڊڪ منصوبي بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ايوي ايشن، رفائنريز جي جديدڪاري ۽ ريڪوڊڪ منصوبي جي حوالي سان عالمي حصيدارن سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزارت موجب، ناڻي واري وزير سڄو ڏينهن جاري رهندڙ ملاقاتن جي سلسلي ۾ ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن جي اعليٰ سطحي وزارتي ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ڊجيٽلائيزيشن کي پاڪستان جي معاشي استحڪام کان پائيدار معاشي ترقي ڏانهن منتقلي جو هڪ اهم حصو قرار ڏنو. هن ڊجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر ۽ ڪيش ليس ادائيگين کي هٿي ڏين تي روشني وجهندي زور ڀريو ته رابطاڪاري سان هنر ۾ بهتري ۽ نئين مهارتن کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ پڻ ضروري آهي ته جيئن فري لانسرز ۽ ڊجيٽل شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو انتهائي مهارت رکندڙ خدمتن منتقل ٿي سگهن. ورچوئل اثاثن جي وسيع استعمال جو حوالو ڏيندي سينيٽر محمد اورنگزيب قانون سازي جي نگراني ۽ لائسنسنگ جي حوالي سان پاڪستان جي جاري ڪوششن تي روشني وڌي ۽ ڪرپٽو ڪرنسي کان اڳتي ان جي عملي استعمال تي زور ڀريو، جن ۾ گهٽ قيمت ۽ آسان مٽاسٽا جي ناڻي سان گڏوگڏ سرڪاري قرض ۽ ريئل اسٽيٽ جو امڪاني ٽوڪنائيزيشن شامل آهي. هن ڊجيٽل معيشت ۾ ڪامياب تجربن جي مٽاسٽا ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڊي سي او جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير آمريڪي ايڪسپورٽ-امپورٽ بئنڪ جي چيئرمين جان جوانووچ سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) لاءِ جهازن جي خريداري، ريفائنريز جي جديدڪاري ۽ ريڪو ڊڪ کاڻين جي کوٽائي جي منصوبي لاءِ مالي مدد جي فراهمي تي بحث ڪيو ويو. ناڻي واري وزير بوئنگ جي جهازن، خاص طور تي 787 ڊريم لائنرز ۾ پي آءِ اي جي دلچسپي کان آگاهه ڪندي، جهازن ۽ انجڻين جي خريداري لاءِ مالي مدد جي پيڪيج ۾ تعاون تي زور ڀريو. هن گرائونڊ ٿيل بوئنگ 777 جهازن کي ٻيهر سروس ۾ آڻڻ لاءِ اسپيئر پارٽس جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي. ڌرين وڏي تعاون جي فريم ورڪ تي ڪم جاري رکڻ ۽ ان دوران ترجيحي بنيادن تي معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جن ۾ جهازن جي پري ڊليوري ادائيگين لاءِ امڪاني مالي مدد پڻ شامل آهي. ريفائنري اپ گريڊز کي به آمريڪي ايڪسپورٽ-امپورٽ بئنڪ جي مدد جي هڪ امڪاني شعبي طور غور هيٺ آندو ويو. ناڻي واري وزير ريڪوڊڪ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي مستقبل جي روانگي واپار لاءِ منصوبي جي اهميت ۽ دير جي لاڳت تي روشني وڌي. هن منصوبي لاءِ آمريڪي ايڪسپورٽ-امپورٽ بئنڪ جي مسلسل عزم جي آجيان ڪئي. ناڻي واري وزير جي ملاقاتن ۾ پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي اڳتي وڌائڻ، عالمي اقتصادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ايوي ايشن ، ريفائننگ ۽ کاڻين جي کوٽائي سميت اهم شعبن لاءِ مالي مدد کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته تعاون ۽ سيڙپڪاري جي عملي موقعن کي حاصل ڪرڻ جو سلسلو به جاري رکيو ويو.











