گهرو معاملن واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، اسلام آباد ماڊل جيل منصوبي جي باقي رهيل تعميراتي ۽ انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان التوا جو شڪار اسلاآباد ماڊل جيل منصوبو آخرڪار پڄاڻي جي ويجهو پهچي ويو آهي ۽ حڪومت ايندڙ مهيني ان جو باضابطه افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب اهو فيصلو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ منعقد اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان التوا جو شڪار اسلاآباد ماڊل جيل منصوبو آخرڪار پڄاڻي جي ويجهو پهچي ويو آهي ۽ حڪومت ايندڙ مهيني ان جو باضابطه افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب اهو فيصلو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري جي صدارت هيٺ منعقد اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ماڊل جيل منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن، باقي رهيل تعميراتي ۽ انتظامي معاملن ۽ افتتاح بابت تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته منصوبي جو سمورو باقي رهيل ڪم جلد کان جلد اڪلايو وڃي ته جيئن ايندڙ مهيني ان جو باقاعده افتتاح ممڪن بڻائي سگهجي. هن واضح ڪيو ته ڏيڍ ڏهاڪي کان دير جو شڪار ان اهم منصوبي جي تڪميل ۾ هاڻي وڌيڪ دير جي ڪا به گنجائش ناهي. وفاقي وزير سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏيل رابطا وڌيڪ موثر بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته افتتاح کان اڳ تعميراتي ۽ انتظامي معاملن سميت سمورو ڪم هر صورت ۾ ڪمل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به سطح تي غير ضروري سستي برداشت نه ڪئي ويندي.