مالديپ جي پارلياماني وفد پاران پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز جو دورو

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين رياست اندر پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه جي اختيارن جي ورڇ جو اصول واضح ڪري ٿو، جڏهن ته پارلياماني نگراني ۽ ادارن وچ ۾ اختيارن جو توازن جمهوري نظام جو اهم حصو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت موجب هو خميس ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز جي دوري جي موقعي تي …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين رياست اندر پارليامينٽ، انتظاميه ۽ عدليه جي اختيارن جي ورڇ جو اصول واضح ڪري ٿو، جڏهن ته پارلياماني نگراني ۽ ادارن وچ ۾ اختيارن جو توازن جمهوري نظام جو اهم حصو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت موجب هو خميس ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز جي دوري جي موقعي تي مالديپ جي پارلياماني وفد کي خطاب ڪري رهيو هو. مالديپ جي وفد جي دوري دوران پارلياماني تجربن ۽ معلومات جي ڏي وٺ جي پروگرام تحت خصوصي سيشن منعقد ڪيو ويو. وفاقي وزير مالديپ جي پارلياماني وفد کي پاڪستان جي پارلياماني نظام جي مختلف رخن تي بريفنگ ڏني. هن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪارروائي، قانونسازي جي مختلف مرحلن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ڪردار کان وفد کي آگاهه ڪيو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان جو آئيني نظام رياستي ادارن وچ ۾ اختيارن جي وڇ ۽ توازن جي اصول تي قائم آهي، هن پارلياماني نگراني جي اهميت ۽ قانونسازي جي عمل ۾ پارلياماني ڪميٽين جي ڪردار تي روشني وڌي. وفاقي وزير مالديپ جي وفد کي پاڪستان ڪوڊ ويب سائيٽ ۽ موبائيل ايپ ذريعي آئين ۽ قانون تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ڪوڊ قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان آئين سميت ملڪ جي قانونن تائين آساني پهچ لاءِ تيار ڪيل پليٽ فارم آهي. مالديپ جي پارلياماني وفد پاڪستان جي پارلياماني ۽ قانونسازي جي طريقيڪار ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ پارلياماني تجربن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.