سمنڊ پاڪستان جي معيشت، واپار ۽ پائيدار ترقي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو، سنڌ جا خوبصورت سامونڊي علائقا ملڪ جي قومي سڃاڻپ ۽ قدرتي اثاثن جو اهم حصو آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-24 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي سامونڊي ڏينھن (ورلڊ ميري ٽائيم ڊي) جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته سمنڊ پاڪستان جي معيشت، واپار ۽ پائيدار ترقي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته سنڌ جا خوبصورت سامونڊي علائقا ملڪ جي قومي سڃاڻپ ۽ قدرتي اثاثن جو اهم حصو آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جا سامونڊي ڪنارا، ساحلي پٽي ۽ سامونڊي وسيلا …

ڪراچي-24 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي سامونڊي ڏينھن (ورلڊ ميري ٽائيم ڊي) جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته سمنڊ پاڪستان جي معيشت، واپار ۽ پائيدار ترقي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته سنڌ جا خوبصورت سامونڊي علائقا ملڪ جي قومي سڃاڻپ ۽ قدرتي اثاثن جو اهم حصو آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جا سامونڊي ڪنارا، ساحلي پٽي ۽ سامونڊي وسيلا ترقي ۽ خوشحالي جا وسيع موقعا رکن ٿا. ورلڊ ميري ٽائيم ڊي اسان کي سامونڊي شعبي ۾ عالمي معيارن تي اثرائتي نموني عملدرآمد جو پيغام ڏئي ٿو. هن سال عالمي سامونڊي ڏھاڙي جو پيغام آهي ته پاليسي کان عملي اپائن ۽ عملي اپائن کان ميري ٽائيم ايڪسيلينس تائين سفر جاري رکڻو پوندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم کان پوءِ هاڻي اسان ڪيٽي بندر کي ڊيپ سي پورٽ بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. ڪيٽي بندر جي ترقي سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ معاشي سرگرمين، واپار، روزگار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وڏي وزير چيو ته محفوظ، ماحول دوست ۽ اثرائتو سامونڊي نظام پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ اڻٽر آهي. سامونڊي وسيلن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدت ذريعي ترقي جي نون موقعن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ميري ٽائيم شعبي ۾ مهارت، تربيت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ صلاحيتن ۾ واڌ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ساحلي علائقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي معاشي ۽ سياحتي صلاحيت مان ڀرپور فائدو وٺڻ ضروري آهي. سامونڊي گدلاڻ جو خاتمو ۽ سامونڊي جيوت جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، جڏهن ته سامونڊي ۽ ساحلي ماحولياتي نظام جو تحفظ مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي. سنڌ جي وڏي وزير سمنڊ جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست سامونڊي مستقبل لاءِ عزم ورجائيندي چيو ته پاليسي سازي کان عملي اپائن تائين ميري ٽائيم شعبي ۾ بهتري ۽ مهارت لاءِ اثرائتا اپاءَ جاري رکڻا پوندا.