گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي عملدارن ۽ ميمبر ملڪن جي نمائندن ترقي جي حق لاءِ نيون ۽ موثر ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان ۾ ترقي جي حق بابت پڌرائي جي منظوري جي 40 هين سالگرهه جي مناسبت سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مقررن عالمي ترقي …
ترقي جي حق لاءِ نئين ڪوششن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي عملدارن ۽ ميمبر ملڪن جي نمائندن ترقي جي حق لاءِ نيون ۽ موثر ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان ۾ ترقي جي حق بابت پڌرائي جي منظوري جي 40 هين سالگرهه جي مناسبت سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مقررن عالمي ترقي جي صورتحال ۽ درپيش چئلينجز کي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنرل اسيمبلي جي صدر خليل الرحمان چيو ته گذريل چئن ڏهاڪن دوران انساني ترقي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي جڏهن ته اها سمورن خطن ۾ هڪجهڙي نه رهي. هن چيو ته ترقي رڳو اقتصادي اوسر جو نالو ناهي پر هي جامع اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي عمل آهي. جنرل اسيمبلي 4 ڊسمبر 1986ع تي ترقي جي حق بابت پڌرنامو منظور ڪيو هو جنهن ۾ ترقي کي ختم نه ٿيڻ جوڳو انساني حق تسليم ڪندي چيو ويو آهي ته هر ماڻهو ۽ سمورين قومن کي اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي ترقي ۾ حصو وٺڻ، ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان جي ثمرن مان فائدو کڻڻ جو حق حاصل آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو ته پڌرنامو ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته ترقي، انساني حقن ۽ عالمي تعاون کي گڏجي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ اڳڀرائي جي باوجود ترقي جي واعدي کي نوان چئلينجز درپيش آهن. وڌندڙ اڻبرابري، قرضن ۾ واڌ، تڪرارن ۽ معاشي عدم استحڪام، ترقي ۽ اقتصادي اوسر جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن. هن موسمياتي تبديلي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز کي به وڌندڙ چئلينجز قرار ڏيندي چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل انقلاب زندگين کي بهتر بڻائڻ جي بهتر بڻائڻ جي بي پناهه صلاحيت رکن ٿا، جڏهن ته هي محرومي ۽ ورڇ جو سبب به بڻجي سگهن ٿا.











